ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن سنڌ جي سمورين اسپتالن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪميشن پاران فائر سيفٽي، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري بابت حفاظتي معيارن ۽ لاڳو ڪيل اصولن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي .ڪميشن پاران مختلف وقتن ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ادارن ۾ باهه لڳڻ، قدرتي يا ٻين آفتن ۽ هنگامي حالتن کي …
سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ حفاظتي معيارن ۽ لاڳو ڪيل اصولن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت
ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن سنڌ جي سمورين اسپتالن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪميشن پاران فائر سيفٽي، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري بابت حفاظتي معيارن ۽ لاڳو ڪيل اصولن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي .ڪميشن پاران مختلف وقتن ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ادارن ۾ باهه لڳڻ، قدرتي يا ٻين آفتن ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب اڳواٽ تياري ۽ حفاظتي انتظام يقيني بڻائڻ بابت هدايتون جاري ڪيون وينديون رهيون آهن. تنهن هوندي به، گذريل معائنن ۽ مانيٽرنگ دوران انسپيڪشن ٽيم جي ميمبرن پاران حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ۾ ڪجهه خامين ۽ ڪوتاھين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران هاڻي سنڌ جي سمورن علائقن ۾ بغير ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي اوچتو معائنو ۽ مانيٽرنگ دورا ڪيا ويندا، جنهن جو مقصد صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ادارن ۾ مقرر ڪيل حفاظتي معيارن تي حقيقي ۽ عملي سطح تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ آهي.معائني دوران ايس ايڇ سي سي جون انسپيڪشن ٽيمون نه رڳو فائر سيفٽي ۽ هنگامي انتظامن جو موقعي تي عملي جائزو وٺنديون، پر لاڳاپيل رڪارڊ ۽ دستاويزي ثبوت پڻ چيڪ ڪيا ويندا. مقرر ڪيل حفاظتي معيارن تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ لاڳو ڪيل قانوني ۽ ضابطن واري فريم ورڪ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.











