وزيراعظم پاران ناروي جي بادشاهه هيرالڊ پنجين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناروي جي بادشاهه هيرالڊ پنجين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن “ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس هيرالڊ پنجين جي لاڏاڻي جي خبر تي تمام گهڻو ڏک ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران شاهي خاندان ۽ ناروي جي عوام سان دلي تعزيت جو …

اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناروي جي بادشاهه هيرالڊ پنجين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن “ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس هيرالڊ پنجين جي لاڏاڻي جي خبر تي تمام گهڻو ڏک ٿيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران شاهي خاندان ۽ ناروي جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اهڙي ۾ جڏهن ناروي ان عظيم سانحي تي سوڳوار آهي، پاڪستان جي عوام سوڳوار خاندان ۽ پنهنجي نارويجن دوستن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته هيرالڊ پنجين پنهنجي زندگي قوم جي خدمت جي لاءِ وقف ڪئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. هن چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ اسان جون نيڪ خواهشون ناروي جي عوام سان گڏ آهن.