اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)هائير ايجوڪيشن ڪميشن(ايڇ اي سي) چيو آهي ته ڊگرين جي تصديق لاءِ سرڪاري طريقيڪار ۽ ويب سائيٽ ئي استعمال ڪئي وڃي. ڪميشن شهرين کي اهڙن غير مجاز ماڻهن کان خبردار ڪيو آهي جيڪي پاڻ کي ايڇ اي سي جو تصديقي ايجنٽ ظاهر ڪري تعليمي سندن جي تصديق ۾ مدد جي آڇ ڪندا آهن. ايڇ اي سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه …
ڊگرين جي تصديق لاءِ سرڪاري طريقيڪار ۽ ويب سائيٽ ئي استعمال ڪئي وڃي: ايڇ اي سي

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)هائير ايجوڪيشن ڪميشن(ايڇ اي سي) چيو آهي ته ڊگرين جي تصديق لاءِ سرڪاري طريقيڪار ۽ ويب سائيٽ ئي استعمال ڪئي وڃي. ڪميشن شهرين کي اهڙن غير مجاز ماڻهن کان خبردار ڪيو آهي جيڪي پاڻ کي ايڇ اي سي جو تصديقي ايجنٽ ظاهر ڪري تعليمي سندن جي تصديق ۾ مدد جي آڇ ڪندا آهن. ايڇ اي سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو پاڻ کي ايجنٽ ظاهر ڪري درخواستگذارن کي ايڇ اي سي کان تعليمي دستاويزن جي تصديق ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪري رهيا آهن تنهن ڪري اهڙن ماڻهن کان انتهائي محتاط رهو. ايڇ اي سي درخواستگذارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ذاتي ۽ تعليمي معلومات غير مجاز ماڻهن سان هر گز شيئر نه ڪن ته جيئن کين امڪاني فراڊ ۽ جعل سازي جي سرگرمين کان محفوظ رکي سگهجي. ڪميشن موجب تعليمي سندن جي تصديق جو عمل مڪمل طور تي آن لائن ۽ ڪاغذن کان پاڪ آهي جنهن ۾ تيز، آسان سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.











