جيڪب آباد پوليس پاران پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، مقتول جو سڳو ڀاءُ ئي قاتل نڪتو، مک جوابدار گرفتار، قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار ھٿ

لاڙڪاڻو - 28 آگسٽ (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي پوليس اهلڪار جي انڌي قتل جو معاملو حل ڪري ورتو جنهن ۾ سندس سڳو ڀاءُ ئي قاتل نڪتو، پوليس مک جوابدار کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ ھٿ ڪري ورتو آهي. جيڪب آباد پوليس هڪ پوليس اهلڪار محبوب علي جکراڻي جي انڌي قتل جو معاملو حل ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ مقتول …

لاڙڪاڻو – 28 آگسٽ (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي پوليس اهلڪار جي انڌي قتل جو معاملو حل ڪري ورتو جنهن ۾ سندس سڳو ڀاءُ ئي قاتل نڪتو، پوليس مک جوابدار کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ ھٿ ڪري ورتو آهي. جيڪب آباد پوليس هڪ پوليس اهلڪار محبوب علي جکراڻي جي انڌي قتل جو معاملو حل ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ مقتول جو سڳو ڀاءُ خادم جکراڻي سندس قاتل نڪتو، جڏهن ته پوليس مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ هٿ ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن (ر) فيضان علي جي خاص ھدايتن تي سول لائين ٿاڻو، سي آءِ اي، شاهين فورس ۽ ٻين اسپيشل ٽيمن جديد سائنسي ۽ فني بنيادن تي جاچ ڪندي انڌي قتل جو پتو لڳائي جوابدار خادم جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.گرفتار جوابدار جاچ دورانِ ڏوھ  جو اعتراف ڪندي انڪشاف ڪيو ته ملڪيت جي تڪرار تان ڪاوڙ ۾ اچي هن پنهنجي سڳي ڀاءُ محبوب علي جکراڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو. جوابدار وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل پستول پڻ ھٿ ڪيو ويو آهي. واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن (ر) فيضان علي فوري طور لاڳاپيل آفيسرن کي جوابدار جي گرفتاري ۽ ڪيس کي جديد سائنسي توڙي فني بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون هيون.ايس ايس پي جيڪب آباد جي هدايتن تي پوليس ٽيمن واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري، فنگر پرنٽس سميت اهم ثبوت محفوظ ڪيا ۽ ٽيڪنيڪل ذريعن مان حاصل ٿيل معلومات کي جاچ جو حصو بڻايو. پوليس ٽيمن جي مسلسل ڪوششن ۽ پيشيوراڻي  جاچ جي نتيجي ۾ جوابدار تائين پهچ حاصل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار ھٿ ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته ڪيس جي سمورين قانوني ۽ جاچ جي رخن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.ايس ايس پي جيڪب آباد ڪامياب ڪارروائي تي لاڳاپيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ساراهه ڪندي هدايت ڪئي ته ڪيس جي جاچ ميرٽ ۽ جديد سائنسي ۽ فني بنيادن تي جاري رکندي سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪيون وڃن.