لاڙڪاڻي جي نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي اظهر خان عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

لاڙڪاڻو -28 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي اظهر خان عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي، چارج وٺڻ کانپوءِ هيڊ آف برانچز سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي. جنهن بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو پنهنجي آفيس ۾ قائم مختلف سيڪشنز/برانچز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايس پي سيد حيدر علي شاهه به ايس ايس پي سان گڏ هو. دوري دوران ايس ايس پي لاڙڪاڻو اسٽاف …

لاڙڪاڻو -28 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي اظهر خان عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي، چارج وٺڻ کانپوءِ هيڊ آف برانچز سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي. جنهن بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو پنهنجي آفيس ۾ قائم مختلف سيڪشنز/برانچز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايس پي سيد حيدر علي شاهه به ايس ايس پي سان گڏ هو. دوري دوران ايس ايس پي لاڙڪاڻو اسٽاف کي هدايت ڪندي چيو ته فرضن کي پوري محنت، ديانتداري ۽ جذبي سان سرانجام ڏنو وڃي. عوامي شڪايتن ۽ پوليس جوانن جي فلاح ۽ بهبود جهڙا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. ايس ايس پي سموري عملي کي واضح طور تي چيو ته سمورن معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي.