گڏيل قومون-28 آگسٽ (اي پي پي)ٻارن لاءِ گڏيل قومن جي اداري (يونيسيف) چيو آهي ته نيپال ۽ چين جي سرحدي علائقن ۾ ٻوڏ سبب 17 هزار ٻار متاثر ٿيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب نيپال ۽ چين جي سرحدي علائقن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ کانپوءِ امدادي ٽيمون ۽ هيلي ڪاپٽرن ڏکين جابلو علائقن ۾ زنده بچي ويلن جي ڳولا تيز ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هڪ هزار کان …
نيپال ۽ چين جي سرحدي علائقن ۾ ٻوڏ سبب 17 هزار ٻار متاثر ٿيا آهن: يونيسيف
گڏيل قومون-28 آگسٽ (اي پي پي)ٻارن لاءِ گڏيل قومن جي اداري (يونيسيف) چيو آهي ته نيپال ۽ چين جي سرحدي علائقن ۾ ٻوڏ سبب 17 هزار ٻار متاثر ٿيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب نيپال ۽ چين جي سرحدي علائقن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ کانپوءِ امدادي ٽيمون ۽ هيلي ڪاپٽرن ڏکين جابلو علائقن ۾ زنده بچي ويلن جي ڳولا تيز ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو اڃان تائين لاپتا آهن. اوچتي آيل ٻوڏ ۾ پاڻي، مٽي ۽ برف جي ڇپن درياءَ وادي ۾ واقع ڪيترين ئي آبادين کي ڪجهه ئي منٽن ۾ پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. متاثر ماڻهن ٻڌايو ته ٻوڏ وارو ريلو پاڻ سان گڏ گهرن ۽ خاندانن کي وهائي ويو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو ته امداد واري عالمي ادارو امدادي سامان ۽ انساني امدادي ٽيمون متحرڪ ڪري رهيو آهي ۽ هنگامي امداد جي فراهمي ۾ نيپالي حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. يونيسيف موجب ٻوڏ ڪيترين ئي آبادين کي مڪمل طور تي تباهه يا هڪ ٻئي کان ڪٽي ڇڏيو آهي، جڏهن ته روڊ، پلين، پن بجلي گهرن، پاڻي جي نظام ۽ مواصلاتي نيٽ ورڪ کي سخت نقصان پهتو آهي، جنهن سبب متاثر علائقن تائين امداد پهچائڻ مشڪل ٿي وئي آهي. يونيسيف موجب راسوا، نواڪوٽ ۽ ڌادنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 هزار ٻار ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. اداري خبردار ڪيو آهي ته زنده بچي ويل ٻارن کي بيمارين، غذائي کوٽ، تشدد ۽ استحصال جا وڌندڙ خطرا درپيش آهن. صحت واري عالمي اداري متاثر علائقن ۾ هنگامي طبي امدادي سامان روانو ڪيو آهي.خوراڪ واري عالمي پروگرام ۽ يونيسيف به امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ ۽ عملو متاثر علائقن ۾ موڪلڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. گڏيل قومون ٻوڏ متاثر علائقن جي سيٽلائيٽ تصويرن ذريعي جائزو وٺي رهيو آهي، گڏيل قومن موجب هماليه جي بلند وادين ۾ گليشيئر جي ٽٽڻ کي اوچتو ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪاني سبب قرار ڏنو پيو وڃي.












