سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پاران اسلامي يڪجهتي تي زور، او آءِ سي ۾ فلسطين تي جامع قرار داد منظور

جده-28 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فلسطيني ڪاز لاءِ سعودي عرب جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مسجد اقصيٰ ۾ بار بار ڪيل مداخلت جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن واضح ڪيو ته مسجد اقصيٰ جي زماني يا مڪاني ورڇ يا ان جي اسلامي سڃاڻپ ۾ ڪنهن به تبديلي جي ڪنهن به ڪوشش کي سعودي عرب رد ڪري ٿو. جده ۾ …

جده-28 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فلسطيني ڪاز لاءِ سعودي عرب جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي مسجد اقصيٰ ۾ بار بار ڪيل مداخلت جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن واضح ڪيو ته مسجد اقصيٰ جي زماني يا مڪاني ورڇ يا ان جي اسلامي سڃاڻپ ۾ ڪنهن به تبديلي جي ڪنهن به ڪوشش کي سعودي عرب رد ڪري ٿو. جده ۾ جاري او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس دوران هن خطي کي درپيش چئلينجن وچ ۾ اسلامي يڪجهتي جي ضرورتن تي زور ڀريو. هن فلسطيني ڪاز ۽ ٻه رياستي حل جي حوالي سان  مملڪت جي اصولي موقف کي به ورجايو. هن چيو ته اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي چئلينجز کي منهن ڏين لاءِ سڌارن جي ضرورت آهي. سعودي عرب مسلمان امت جي خدمت جي حوالي سان او آءِ سي جي ڪوششن جي حمايت ڪندي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير او آءِ سي جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه او آءِ سي جي اجلاس ۾ هڪ جامع قرار داد منظور ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطيني عوام خلاف جاري اسرائيلي جارحيت ۽ والاريل علائقن تي انهن جي غير قانوني قبضي جي شديد مذمت ڪئي وئي. قرارداد ۾ اسرائيل پاران فلسطينين جي زمين ضبط ڪرڻ، غير قانوني وسندين جي توسيع، اسرائيلي آبادڪارن پاران فلسطينين تي جاري تشديد، الحاق جي پاليسي ۽ فلسطينين جي جبري بي دخلي کي رد ڪيو ويو. قرارداد ۾ عالمي برادري ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ويو ته هو اسرائيل جي توسيع پسند عزم ۽ فلسطيني عوام خلاف غير قانوني قدم روڪڻ لاءِ پنهنجون قانوني، سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکن.