مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت ۾ ايڪسل لوڊ ڪنٽرول رجيم بابت اجلاس، سڄي ملڪ جي وي اسٽيشنز کي سئو سيڪڙو پاڻمرادو بڻائڻ جو حڪم

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ايڪسل لوڊ ڪنٽرول رجيم جي مستقل ۽ پائيدار حل لاءِ سموريون قانوني ۽ آپريشنل رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي مقصد سان اين ايڇ اي جي قانوني فريم ورڪ ۾ هڪ هفتي اندر ضروري ترميمون آڻڻ، فيڪٽرين تي ڏنڊ لڳائڻ ۽ موٽر ويز ۽ قومي شاهراهن تي جديد ترين ڪئميرائن ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي مڪمل آٽوميشن لاڳو ڪرڻ جي هدايت …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ايڪسل لوڊ ڪنٽرول رجيم جي مستقل ۽ پائيدار حل لاءِ سموريون قانوني ۽ آپريشنل رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي مقصد سان اين ايڇ اي جي قانوني فريم ورڪ ۾ هڪ هفتي اندر ضروري ترميمون آڻڻ، فيڪٽرين تي ڏنڊ لڳائڻ ۽ موٽر ويز ۽ قومي شاهراهن تي جديد ترين ڪئميرائن ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي مڪمل آٽوميشن لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن جمعي ڏينهن ايڪسل لوڊ ڪنٽرول رجيم بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ مواصلات وارو سيڪريٽري، اين ايڇ اي جو چيئرمين، آءِ جي موٽر وي پوليس، ڊي جي اين ايل سي ۽ ڊي جي ايف ڊبليو سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته قانوني ترميمن جو بنيادي مقصد ايڪسل لوڊ لاڳو ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ سمورين قانوني ۽ آپريشنل رڪاوٽن کي پاڙ کان ختم ڪرڻ آهي ته جيئن قومي اثاثا يعني رستن جي انفرا اسٽرڪچر کي تباهي کان بچائي سگهجي. هن چيو ته ٽرڪن تي وڌيڪ وزن سٿڻ جو سبب بڻجندڙ فيڪٽرين جي باقاعده نشاندهي ڪري هاڻي انهن تي به وڏو ڏنڊ لڳايو ويندو. عبدالعليم خان ٽرانسپورٽرز کي گاڏين جي ڍانچي تي واضح رهنمائي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گاڏين تي اهڙي غير ضروري سامان جي استعمال کي روڪيو وڃي جيڪو رڳو گاڏي جو وزن وڌائڻ جو سبب بڻجندا آهن. وفاقي وزير سڄي ملڪ جي وي اسٽيشنز کي 100 سيڪڙو آٽوميٽڪ بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سمورين مال بردار گاڏين جو وي اسٽيشنز تان گذرڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ته جيئن قطارن ۽ وقت جي زيان جو خاتمو ٿئي. هن موٽر ويز وانگر جي ٽي روڊز تي به وي اسٽيشنز قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ واضح ڪيو ته قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ گاڏين کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ جديد ڪئميرائن ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس مدد ورتي وڃي. هن ڪراچي پورٽ تي اين ايڇ اي، اين ايل سي ۽ ايف ڊبليو او کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سنگجاڻي ۾ عالمي معيار جو جديد ماڊل وي اسٽيشن جلد مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته گذريل 6 مهينن ۾ ايڪسل لوڊ جون 30 هزار ڀڃڪڙيون رپورٽ ٿيون جنهن سبب رستن جي بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهتو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڪنهن به منصوبي ۾ رڳو موجوده حالتون نه پر ايندڙ 20 سالن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن اعلان ڪيو ته هو موٽر ويز تي ايڪسل لوڊ رجيم لاڳو ڪرڻ جو پاڻ جائزو وٺڻ لاءِ 10 مختلف هنڌن جا هنگامي دورا ڪندو.