عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل ۽ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان، جنسن جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪچي تيل ۽ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو، جڏهن ته جنسن جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آئي فوڊ آئل جا آڪٽوبر لاءِ معاهدا 0.49 ڊالر جي گهٽتائي سان 83.04 ڊالرز في بيرل ۾ طئي ٿيا جڏهن ته برينٽ ڪروڊ …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪچي تيل ۽ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو، جڏهن ته جنسن جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آئي فوڊ آئل جا آڪٽوبر لاءِ معاهدا 0.49 ڊالر جي گهٽتائي سان 83.04 ڊالرز في بيرل ۾ طئي ٿيا جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جا آڪٽوبر لاءِ سودا 0.42 ڊالر جي گهٽتائي سان 89.28 ڊالرز في بيرل طئي ٿيا. ڪاروباري سرگرمين دوران سون جو اگهه 32.10 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4631.90 ڊالر في اونس ۽ چاندي جو اگهه 0.54 ڊالرن جي گهٽتائي سان 69.70 ڊالر في اونس جي سطح تي اچي ويو، جڏهن ته مڪئي جا ڊسمبر لاءِ معاهدا 3.75 ڊالرن جي اضافي سان 537.25 ۽ ڪڻڪ جا ڊسمبر لاءِ سودا 6.25 ڊالرن جي بهتري سان 767.00 ڊالر بي بشل ۾ طئي ٿيا.