راولپنڊي-27 آگسٽ (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪويت جي هڪ اعليٰ سطحي وفد بچاءُ واري وزير شيخ عبدالله علي عبدالله السليم الصباح جي اڳواڻيءَ ۾ راولپنڊيءَ ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جي دؤري دوران ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪويتي هٿياربند جو چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل خالد درج سعد الشريان به شامل هو. خميس ڏينهن …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪويت جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-27 آگسٽ (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪويت جي هڪ اعليٰ سطحي وفد بچاءُ واري وزير شيخ عبدالله علي عبدالله السليم الصباح جي اڳواڻيءَ ۾ راولپنڊيءَ ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جي دؤري دوران ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪويتي هٿياربند جو چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل خالد درج سعد الشريان به شامل هو. خميس ڏينهن پاڪ فوج پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻه طرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين اداره جاتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻه طرفي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل طور لاڀائتي دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ڪويتي وفد علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت، آپريشنل تياري ۽ شاندار خدمتن کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪويت جي ان عزم جي توثيق ڪئي وئي ته هو پنهنجي تاريخي ۽ ڀائرنن لاڳاپن کي مضبوط، پائيدار ۽ گڏيل طور لاڀائتي حصيداريءَ ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪندا، جنهن سان علائقائي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ملندي.











