اسلام آباد/نوم پنهه-27 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس آءِ ايس سي) جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. اجلاس ۾ ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن منيٽ ۽ صدر سينيٽ ڪمبوڊيا سامديڪ موها بورو رٿاپدي هن سين به موجود هو. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا جي قيادت کي ڀليڪار چوندي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي ڪمبوڊيا جي بادشاهه جي پيغام تي سندس ٿورو مڃيو ۽ ڪانفرنس …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جو ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد/نوم پنهه-27 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس آءِ ايس سي) جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. اجلاس ۾ ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن منيٽ ۽ صدر سينيٽ ڪمبوڊيا سامديڪ موها بورو رٿاپدي هن سين به موجود هو. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا جي قيادت کي ڀليڪار چوندي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي ڪمبوڊيا جي بادشاهه جي پيغام تي سندس ٿورو مڃيو ۽ ڪانفرنس جي ميزبانيءَ تي ڪمبوڊيا جي سينيٽ ۽ عوام کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن منيٽ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت کي پارلياماني ڳالهين ۽ تعاون لاءِ ڪمبوڊيا جي عزم جي مضبوط علامت قرار ڏنو، جڏهن ته سامديڪ هن سين جي قيادت ۽ مهمان نوازيءَ کي ساراهيندي چيو ته هن الپارلياماني اسپيڪرز کي گڏيل پليٽ فارم تي جمع ڪيو. امن ۽ گڏيل خوشحاليءَ لاءِ عالمي قانون جو استحڪام ۽ تڪرارن جي پُرامن حل جي موضوع تي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پارلياماني اتحاد ۽ اجتماعي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن هٿياربند تڪرارن ۽ دهشتگردي، موسمياتي تبديلي ۽ معاشي اڻبرابريءَ سميت عالمي مسئلن جي حل لاءِ مؤثر پارلياماني ڪردار تي زور ڀريو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارلياماني سفارتڪاريءَ کي عزم سان عمل، ڳالهين کان عملي قدم ۽ واعدن کان نتيجن طرف وڌڻو پوندو. هن تجويز ڏني ته الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس اُڀرندڙ بحرانن تي فوري پارلياماني ردِعمل لاءِ مؤثر طريقو جوڙي ۽ امن ۽ استحڪام جي بنياد تي عالمي قانونن جي پاسداريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي تجربي جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن روايتي سفارتي ذريعا محدود ٿي وڃن ته پارلياماني سفارتي ڳالهيون نوان رستا کولي سگهن ٿيون. هن علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سعودي عرب، ترڪيه سان پاڪستان جي تعاون کي به اجاگر ڪيو. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قول جو حوالو ڏيندي چيو ته امن لاءِ قيادت، عزم، حوصلو ۽ يقين ضروري آهن. هن سڄي دنيا جي پارليامينٽيرينز تي زور ڀريو ته هو اتحاد، بصيرت ۽ گڏيل عزم سان قيادت جو ڪردار ادا ڪن. ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين ڪانفرنس ۾ شريڪ اسپيڪرز ۽ وفد سان گڏ سينيٽ صدر سان به خيرسگاليءَ جي ملاقات ڪئي.











