راولپنڊي-27 آگسٽ (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ڪويتي بچاءُ واري وزير شيخ عبدالله علي عبدالله السليم الصباح جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد بچاءُ واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪويتي هٿياربند جو چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل خالد درج سعد الشريان پڻ شامل هو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه طرفه …
بچاءُ واري وفاقي وزير سان ڪويتي بچاءُ واري وزير جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-27 آگسٽ (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ڪويتي بچاءُ واري وزير شيخ عبدالله علي عبدالله السليم الصباح جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد بچاءُ واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪويتي هٿياربند جو چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل خالد درج سعد الشريان پڻ شامل هو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه طرفه دفاعي لاڳاپا، سيڪيورٽي تعاون ۽ پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ دفاعي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. خميس ڏينهن بچاءُ واري وزارت مان جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ”پروٽوڪول معاهدو 2026ع“ تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن سان ”دفاعي تعاون جي معاهدي 2023ع“ تحت قائم موجوده عسڪري تعاون جي ڍانچي ۾ نمايان بهتري ايندي. نئين معاهدي تحت پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪويت جي هٿياربند فوج کي تربيت ۽ صلاحيت ۾ واڌ، سرحدي انتظام ۽ دفاعي تعاون سميت ٻين شعبن سميت مختلف معاملن ۾ مدد فراهم ڪندي. هي معاهدو ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ پُراڻن دفاعي لاڳاپن جو بنياد بڻجندڙ گهري اعتماد، گڏيل احترام ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻنهي ڌُرين گڏيل سلامتي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ان حصيداريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو.











