گهرو معاملن واري وفاقي وزير گوجرانوالا ۾ ريجنل پاسپورٽ آفيس جو اوچتو دؤرو

گوجرانوالا-27 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گوجرانوالا ۾ ريجنل پاسپورٽ آفيس جو اوچتو دؤرو ڪيو، جتي مقرر وقت کان اڳ آفيس جي بندش، عملي جي غير حاضري ۽ شهرين جي سهولتن جي عدم فراهميءَ تي شديد ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي سموري عملي کي فوري طور تي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دؤري دوران پاسپورٽ آفيس ۾ شهرين جي داخلا بند ڏٺي وئي …

گوجرانوالا-27 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گوجرانوالا ۾ ريجنل پاسپورٽ آفيس جو اوچتو دؤرو ڪيو، جتي مقرر وقت کان اڳ آفيس جي بندش، عملي جي غير حاضري ۽ شهرين جي سهولتن جي عدم فراهميءَ تي شديد ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي سموري عملي کي فوري طور تي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دؤري دوران پاسپورٽ آفيس ۾ شهرين جي داخلا بند ڏٺي وئي ۽ ڏورانهن علائقن کان آيل سائلن کي گيٽ تائين واپس موڪليو پئي ويو. سرڪاري وقت موجب آفيس جو وقت 4:30 وڳي تائين مقرر هو، جڏهن ته ٽيپهري 4 وڳي کان اڳ ئي آفيس جا معاملا بند ڪري صفائيءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو ۽ آفيس ۾ موڪل جو ماحول هو. گهرو وزير جي پُڇاڻي تي موقعي تي موجود عملي جو اڪيلو اهلڪار تسلي بخش جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. محسن نقوي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن آفيس جو وقت 4:30 وڳي تائين آهي ته 4 وڳي تالا ڇو لڳايا ويا؟ عملو غائب آهي، آفيس بند ڪري صفائي ٿي رهي آهي ۽ عوام کي ٻاهران ئي واپس موڪليو پيو وڃي، ڇا عوامي سهولت جون آفيسون اهڙيءَ طرح هلايون وينديون آهن؟ گهرو وزير واضح ڪيو ته شهرين کي بنيادي خدمتن جي فراهميءَ ۾ ڪنهن قسم جي سُستي يا ڪوتاهي قطعي برداشت نه ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري فرضن کان لاپرواهي جي ذميدارن ۽ عوام جي خدمت تي ڪوتاهي ڪندڙ عملي کي سخت قانوني ڪارروائي جو مُنهن ڏسڻو پوندو.