وزيراعظم محمد شهباز شريف پارا چين ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي قيادت ۽ عوام سان گذريل ڏينهن چين جي سرحدي علائقي ۾ اوچتو ايندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ …

اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي قيادت ۽ عوام سان گذريل ڏينهن چين جي سرحدي علائقي ۾ اوچتو ايندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ان افسوسناڪ سانحي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ گم ٿي ويل ماڻهن جي خبر اسان کي غمزده ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي چيني ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وزيراعظم چيو ته علائقي ۾ امدادي ڪارروايون ڀرپور انداز ۾ جاري آهن ۽ پاڪستان هر ممڪن تعاون ۽ امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي ۽ سمورن گم ٿي ويل ماڻهن جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.