نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران او آءِ سي جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل اسماعيل اولد شيخ احمد کي مبارڪون

اسلام آباد - 27 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل اسماعيل اولد شيخ احمد کي مبارڪباد ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو مسلمان امت جي وچ ۾مضبوط حصيداري ۽ تعميري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ساڻس ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ …

اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل اسماعيل اولد شيخ احمد کي مبارڪباد ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو مسلمان امت جي وچ ۾مضبوط حصيداري ۽ تعميري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ساڻس ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته هو اڄ جده ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 23هين غيرمعمولي اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان او آءِ سي جي نئين سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي اسماعيل اولد شيخ احمد کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته اسلامي اتحاد، امن ۽ اسان جي گڏيل امنگن جي لاءِ گڏيل قدمن کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. مسلمان امت جي وچ ۾ مضبوط حصيداري ۽ تعميري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ساڻس ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته سندس دور او آءِ سي کي گڏيل ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ گڏيل قدمن جي موثر پليٽ فارم جي طور تي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ نئين توانائي ۽ عزم جو سبب ثابت ٿئي.