سنڌ جي وڏي وزير سان ريلوي واري وفاقي وزير جي ملاقات، سنڌ ۾ ريلوي سروسز جي حوالي سان ڳالهيون

ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي خميس ڏينهن سنڌ ۾ ريلوي سروسز وڌائڻ ۽ جديد ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن ۾ خاص طور تي معطل ٿيل ٽرينن جي آپريشن بحال ڪرڻ، برانچ روٽس کي ڊيزل ملٽيپل يونٽس  سان اپ گريڊ ڪرڻ، 100 بغير چوڪيدار وارن ليول ڪراسنگز کي چوڪيدارن وارن …

ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي خميس ڏينهن سنڌ ۾ ريلوي سروسز وڌائڻ ۽ جديد ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن ۾ خاص طور تي معطل ٿيل ٽرينن جي آپريشن بحال ڪرڻ، برانچ روٽس کي ڊيزل ملٽيپل يونٽس  سان اپ گريڊ ڪرڻ، 100 بغير چوڪيدار وارن ليول ڪراسنگز کي چوڪيدارن وارن ڪراسنگز ۾ تبديل ڪرڻ، ريلوي جي منظوري جي انتظار ۾ رڪيل انفراسٽرڪچر منصوبن کي تيز ڪرڻ، ۽ پاڪستان ريلوي جي زمين کي قبضا مافيا کان پاڪ رکڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ ملاقات دوران وڏي وزير وفاقي وزير  کان مطالبو ڪيو ته هو موهن جو دڙو ايڪسپريس کي فوري طور بحال ڪري ڇاڪاڻ ته ان جي معطلي جي ڪري علائقي جي عوام کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.  وڏي وزير چيو ته موهن جو دڙو ايڪسپريس جي معطلي سبب علائقي جا ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. مان وفاقي وزير کي گذارش ڪريان ٿو ته هيءَ سروس جلد کان جلد بحال ڪئي وڃي. وفاقي وزير وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ريلوي ايندڙ مهيني اها ٽرين سروس ٻيهر شروع ڪري ڇڏيندي. ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ ۽ سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز ذوالفقار نظاماڻي شرڪت ڪئي. وفاقي وزير سان گڏ سيڪريٽري/چيئرمين ريلوي سيد مظهر علي شاهه، سي اي او/سينيئر جنرل مئنيجر حفيظ الله، ايڊيشنل جنرل مئنيجر حماد حسن مرزا، ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي جمشيد عالم ۽ ٻيا اعليٰ اختيارين به موجود هئا.وڏي وزير ۽ وفاقي وزير 100 بغير چوڪيدار وارن ليول ڪراسنگز کي چوڪيدارن وارن ليول ڪراسنگز ۾ بحال/اپ گريڊ ڪرڻ تي خيالن جو اظهار ڪيو، جنهن جو مقصد حادثن جي خطرن کي گهٽائڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ گاڏين وارن، پيدل هلندڙن ۽ ريلوي مسافرن جي حفاظت کي بهتر بڻائڻ آهي. هن اسڪيم جي اٽڪلي لاڳت 5.913 ارب رپيا آهي ۽ ان تي مالي سال 2026-27 ۽ 2027-28 دوران عملدرآمد جو منصوبو آهي. وڏي وزير چيو ته ريلوي جي حفاظت کي اوليت ڏني وڃي ۽ صوبائي حڪومت توڙي پاڪستان ريلوي جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي ضرورت آهي ته جيئن تجويز ڪيل حفاظتي سڌارن تي بنا ڪنهن دير جي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ريلوي ڦاٽڪ استعمال ڪندڙ ماڻهن جي حفاظت گڏيل ذميواري آهي. اسان صوبائي سطح تان انهن ڪراسنگز کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير حنيف عباسي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ريلوي وزارت حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ۾ مڪمل سهڪار ڪندي.سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي روڊن جي منصوبن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو جيڪي ريلوي جي انفراسٽرڪچر سان سلهاڙيل آهن ۽ ريلوي جي نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽس منظورين يا ريلوي شٽ ڊائون (بندش) جي شيڊول جي انتظار ۾ آهن. انهن اسڪيمن ۾ حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ سان گڏ 9.66 ڪلوميٽر ڊگهو ٽنڊوڄام بائي پاس روڊ شامل آهي جنهن ۾ ٻه مٿانهان پليون آهن؛ ٽنڊوالھيار ۾ ناردرن بائي پاس روڊ تي پلين جي تعمير؛ 31.40 ڪلوميٽر ڊگهي ٽنڊو الھيار-ٽنڊو آدم روڊ کي ٻه طرفو ڪرڻ؛ لاڙڪاڻي ۾ ريلوي جي ٻن انڊرپاسن کي ويڪرو ڪرڻ؛ ۽ سکر جي گڏاڻي ڦاٽڪ تي هڪ اوور هيڊ پري-اسٽريسڊ برج جي تعمير شامل آهن. وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته ريلوي سان لاڳاپيل منظورين ۾ دير جي ڪري عوامي اهميت جي وڏن بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي رفتار متاثر ٿي رهي آهي. هن وفاقي وزير کي گذارش ڪئي ته سڀئي رڪيل اين او سيز جلد جاري ڪيا وڃن ته جيئن صوبائي ترقياتي اسڪيمون اڳتي وڌي سگهن. وفاقي وزير حنيف عباسي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ريلوي وزارت وٽ رڪيل سڀئي اين او سيز جلد جاري ڪيا ويندا جنهن سان سنڌ حڪومت لاڳاپيل ترقياتي ڪمن کي اڳتي وڌائي سگهندي. حنيف عباسي چيو ته اسان سنڌ کي هر ممڪن طريقي سان سهولت فراهم ڪنداسين. ريلوي وزارت وٽ رڪيل سڀئي اين او سيز جلد جاري ڪيا ويندا ته جيئن انهن اهم ترقياتي منصوبن ۾ وڌيڪ دير نه ٿئي.وڏي وزير وفاقي وزير کي پاڪستان ريلوي جي زمين واپس وٺڻ لاءِ قبضا مخالف آپريشنز ۾ سنڌ حڪومت پاران مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.