سنڌ جي وڏي وزير سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ملاقات

ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان  جي ايگزيوٽو ڪميٽي کي يقين ڏياريو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن لاءِ هڪ مخصوص هاسٽل قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي ۽ انهن جي ڀلائي، صحت جي سهولتن توڙي پيشيوراڻي ترقي سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. اها خاطري وڏي وزير ۽ سپريم …

ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان  جي ايگزيوٽو ڪميٽي کي يقين ڏياريو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن لاءِ هڪ مخصوص هاسٽل قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي ۽ انهن جي ڀلائي، صحت جي سهولتن توڙي پيشيوراڻي ترقي سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. اها خاطري وڏي وزير ۽ سپريم ڪورٽ بار جي ايگزيوٽو ڪميٽي جي هڪ وفد جي وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪرائي وئي، جنهن جي اڳواڻي بار جو صدر هارون الرشيد ڪري رهيو هو. وفد عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ڪراچي ايندڙ وڪيلن لاءِ رهائش جي سهولتن جي ضرورت، صحت، ويلفيئر ۽ نوجوان وڪيلن لاءِ انٽرنشپ جي موقعن تي خيالن جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته اسان انصاف جي مضبوطي، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري ادارن لاءِ وڪيل برادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. سنڌ حڪومت وڪيلن کي درپيش جائز مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي. وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته وڪيلن جي هاسٽل قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب زمين جي ٽڪري جي الاٽمينٽ واري تجويز جو جائزو ورتو وڃي ۽ وفد کي يقين ڏياريو ته هن معاملي کي جلد حل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌايو ويندو. سپريم ڪورٽ بار جي وفد وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته هڪ مخصوص هاسٽل لاءِ زمين فراهم ڪئي وڃي جتي ملڪ جي ٻين حصن مان ڪراچي ايندڙ وڪيل سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ ڪيسن جي سلسلي ۾ رهي سگهن. وفد نوجوان وڪيلن لاءِ انٽرنشپ جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ وڪيلن لاءِ صحت جي سهولتن ۽ ويلفيئر جي قدمن لاءِ پڻ مدد گهري. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت انهن مطالبن تي همدردي سان غور ڪندي ۽ يقيني بڻائيندي ته لاڳاپيل محڪما سپريم ڪورٽ بار سان گڏجي انهن مسئلن کي حل ڪن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن پاران اٿاريل مسئلا جائز آهن ۽ انهن کي جلد کان جلد حل ڪيو ويندو. اسان صوبائي حڪومت جي موجود وسيلن ۽ ادارتي ڍانچي جي اندر رهندي وڪيل برادري کي سهولتون فراهم ڪنداسين. گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته وڪيلن جي هاسٽل لاءِ زمين جي الاٽمينٽ بابت تجويز لاڳاپيل ڪابينا ڪميٽي جي اڳيان غور لاءِ رکي ويندي. هن چيو ته حڪومت مناسب زمين جي دستيابي جو جائزو وٺندي ۽ سپريم ڪورٽ بار سان مشاورت ڪري معاملي کي اڳتي وڌائيندي.صحت جي سهولتن بابت قانون واري وزير چيو ته هي معاملو لاڳاپيل کاتن سان اٿاريو ويندو ۽ وڪيل برادري جي ميمبرن لاءِ صحت جي خدمتن تائين رسائي آسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.