ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سنڌ جي ورهاست بابت ڪنهن به تجويز جي سخت مخالفت ڪندي ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته صوبي جي مستقبل جو فيصلو رڳو اتان جي عوام جي مرضيءَ سان ٿيندو ۽ چيو ته سنڌ اسيمبلي صوبي کي ورهائڻ جي ڪنهن به حرڪت کي رد ڪرڻ لاءِ ڇهه قراردادون پاس ڪري چڪي آهي. ڪورنگي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ …
صوبي جي مستقبل جو فيصلو عوام جي مرضيءَ سان ٿيندو، سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورهائڻ جي ڪنهن به حرڪت کي رد ڪرڻ لاءِ 6 قراردادون پاس ڪري چڪي آهي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سنڌ جي ورهاست بابت ڪنهن به تجويز جي سخت مخالفت ڪندي ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته صوبي جي مستقبل جو فيصلو رڳو اتان جي عوام جي مرضيءَ سان ٿيندو ۽ چيو ته سنڌ اسيمبلي صوبي کي ورهائڻ جي ڪنهن به حرڪت کي رد ڪرڻ لاءِ ڇهه قراردادون پاس ڪري چڪي آهي. ڪورنگي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير پيمز حادثي کان متاثر ٿيل خاندانن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پيمز اسلام آباد جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. منهنجون سوچون ۽ همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن. وڏي وزير چيو ته سڄي پاڪستان ۾ صحت جي خدمتن کي مسلسل بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن راءِ ڏني ته پاڪستان ۾ جتي به صحت جون خدمتون موجود آهن، اتي حالتن ۽ سروس ڊليوري کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ صحت جا چيلينج هڪ قومي معاملو آهن، پر سندس آئيني ذميواري رڳو سنڌ تي ٻَڌل آهي.سنڌ جي ورهاست بابت تجويزن جي سوالن جا جواب ڏيندي مراد علي شاهه اهڙي ڪنهن به قدم جي پنهنجي سخت مخالفت کي ورجايو ۽ چيو ته سنڌ اسيمبلي مسلسل اهڙيون تجويزون رد ڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ڇهن مختلف موقعن تي صوبي جي ورهاست خلاف قراردادون پاس ڪيون آهن. وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جي مستقبل بابت ڪو به فيصلو هتان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو آئينو هجڻ گهرجي. هن چيو ته مان سنڌ اسيمبلي، ان جي چونڊيل ميمبرن ۽ سنڌ جي عوام اڳيان جوابده آهيان. آخرڪار، سنڌ جو عوام ئي فيصلو ڪندو ته هو ڇا ٿا چاهين. نه منهنجون خواهشون ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي ذاتي پسند عوام جي مرضيءَ کان مٿانهين ٿي سگهي ٿي. مقامي حڪومتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جمهوريت کي بنيادي سطح تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عزم کي اجاگر ڪندي وڏي وزير چيو ته مقامي حڪومتن جي ادارن کي بااختيار بڻائڻ پارٽي جي سياسي فلسفي جو هڪ بنيادي حصو آهي. هن چيو ته مقامي حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ اختيار مقامي ادارن کي منتقل ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ئي واحد صوبو آهي جتي هڪ فعال مقامي حڪومتي ڍانچو موجود آهي ۽ چونڊيل مقامي ادارا هڪ مخصوص لوڪل گورنمينٽ قانون تحت ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان مقامي حڪومتن جي ادارن کي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ جو سلسلو جاري رکنداسين. وڌيڪ اختيارن سان گڏوگڏ احتساب، انتظامي صلاحيت ۽ سروس ڊليوري کي وڌائڻ جي به ضرورت آهي. هن وڌيڪ راءِ ڏني ته ٻين صوبن کي به پنهنجا لوڪل گورنمينٽ سسٽم قائم ۽ مضبوط ڪرڻ گهرجن ته جيئن بنيادي سطح تي اثرائتي حڪمراني ۽ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي.وڏي وزير تجويز ڪيل ڪيٽي بندر ڊيپ سي پورٽ منصوبي تي به خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ان کي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو هڪ پراڻو خواب قرار ڏنو. هن چيو ته سنڌ حڪومت، صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائيءَ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت هن منصوبي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڪيٽي بندر ڊيپ سي پورٽ شهيد بينظير ڀٽو جو هڪ خواب هو. سنڌ حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان هن خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير ڪيٽي بندر جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪندي نوٽ ڪيو ته هي ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم ٻنهي کان به قديم آهي. هن راءِ ڏني ته ڪراچي پورٽ 1854 ۾ قائم ٿيو هو، جڏهن ته پورٽ قاسم کي 1972ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ترقي ڏياريو ويو. ڪيٽي بندر بندرگاهه ان کان به وڌيڪ پراڻو هنڌ آهي ۽ وڏي حڪمت عملي واري اهميت رکي ٿو. وڏي وزير چيو ته بدلجندڙ عالمي واپاري صورتحال ۽ تازي بين الاقوامي اڳڀرائي ڪيٽي بندر تي اونهي سمنڊ جو بندرگاهه قائم ڪرڻ جي دليل کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ڪيٽي بندر تي هڪ جديد ڊيپ سي پورٽ جي سخت ضرورت آهي. هي منصوبو خطي جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٿر ڪول جي ترقياتي اڳڀرائي جي ڪاميابيءَ سان ڀيٽ ڪندي، مراد علي شاهه تجويز ڪيل بندرگاهه کي سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ٻيو امڪاني طور تي تقدير بدلائيندڙ منصوبو قرار ڏنو. هن چيو ته ٿر ڪوئلو هڪ گيم چينجر طور اڀري آيو آهي. الله چاهيو ته ڪيٽي بندر ڊيپ سي پورٽ به هڪ تاريخي ترقياتي منصوبو بڻجندو جيڪو معاشي واڌاري، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ وڏو حصو وجهندو. ميڊيا سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي سهيڙيندي وڏي وزير سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي مقصد سان ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي.












