نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برطانوي مملڪتي وزير اسٽيفن ڊوٽي سان ملاقات، ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 27 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانيا جي مملڪتي وزير اسٽيفن ڊوٽي سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي …

اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانيا جي مملڪتي وزير اسٽيفن ڊوٽي سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪندي سياسي، اقتصادي ۽ اداراجاتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ، اڀرندڙ شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ، موسمياتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي فروغ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اهم خدمتن کي اجاگر ڪندي انهن کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پُل قرار ڏنو. ڌرين وچ اوڀر ۽ افغانستان جي صورتحال سميت اهم علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. برطانيا جي مملڪتي وزير اسٽيفن ڊوٽي علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيندي ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان سان ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۾ برطانيا جي دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو.