اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت مالياتي نظم ۽ ضبط، ڍانچه جاتي سڌارن، پائيدار سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي ۽ اؤسر لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪارن جي دلچسپي تعريف جوڳي آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي جاري رکنداسين. هن اها ڳالهه …
پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪارن جي دلچسپي تعريف جوڳي آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي جاري رکنداسين: محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت مالياتي نظم ۽ ضبط، ڍانچه جاتي سڌارن، پائيدار سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي ۽ اؤسر لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪارن جي دلچسپي تعريف جوڳي آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي جاري رکنداسين. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي سعودي عرب جي آسياد گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين غسان احمد آمودي سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي گروپ جي چيف فنانشل آفيسر ۽ وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي بورڊ ميمبر جاويد اختر، وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي سي اي او زبير شيخ ۽ وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي ڪارپوريٽ ۽ حڪومتي ناتن جي ڊائريڪٽر عمران حسين قريشي به موجود هئا. ملاقات ۾ گروپ طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، وڌيڪ واڌ جي رٿائن ۽ اهم شعبن ۾ نئين سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جن ۾ حڪومت جي تمام وڏي نجڪاري جي ڪوششن سان پيدا ٿيندڙ موقعا به شامل آهن. غسان آمودي پاڪستان جي ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي گروپ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ملڪ ۾ پنهنجن تجربن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن سعودي عرب کان ٻاهر گروپ جي سيڙپڪاري پورٽ فوليو ۾ پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي رٿائن کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪارن جي مسلسل دلچسپيءَ جي آجيان ڪئي ۽ نجڪاريءَ جي عمل ذريعي پيدا ٿيندڙ نون موقعن تي روشني وڌي، هن اعتماد جوڳي ۽ ڊگهي مُدي وارن سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ اهم شعبن ۾ واپاري اعتماد سان عمل جوڳي سيڙپڪاري کي سهولت فراهم جي اهميت تي زور ڀريو. هن سيڙپڪاري، واپار ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سعودي عرب ۽ نجي شعبي سان گهڻ رُخي رابطن جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. غسان آمودي ناڻي واري وزير کي هوائي اڏن جي نجڪاريءَ جي عمل ۾ گروپ جي شرڪت ۾ دلچسپي ۽ لاڳاپيل فني مهارت رکندڙ سعودي عرب ۽ عالمي ڀائيوارن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش کان به آگاهه ڪيو. هن گروپ جي هوائي اڏن جي آپريشنز بابت تازي اڳڀرائي ۽ ان شعبي ۾ وڌندڙ عالمي تجربن تي تفصيل سان روشني وڌي. ملاقات ۾ وافي انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي جاري توسيعي ۽ سيڙپڪاري رٿائن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جن ۾ ان جي وڌندڙ ريٽيل نيٽ ورڪ، ذخيرو ڪندڙن جي انفراسٽرڪچر ۽ ڊجيٽلائزيشن جا قدم شامل آهن. ڪمپني ناڻي واري کي ڪي پي ڪي ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۽ پنهنجي آپريشنز کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي رٿائن کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان تي آسياد گروپ جي مسلسل اعتماد ۽ پنهنجي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ جي عزم کي ساراهيو. هن خاطري ڏياري ته حڪومت سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي ۽ نجي شعبي جي شموليت کي مضبوط بنائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ تي ٻڌل اقتصاي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ علائقائي مارڪيٽن تائين پهچ لاءِ هڪ گيٽ وي طور تي ان جي صلاحيت جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته حڪومت نجي شعبي سان مسلسل سهڪار جي حوصله افزائي ڪري رهي آهي ته جيئن عمل جوڳن موقعن جي نشاندهي ڪري سگهي ۽ سيڙپڪاريءَ جي دلچسپيءَ کي عملي رٿائن ۾ تبديل ڪري سگهجي. غسان آمودي حڪومت سان مسلسل رابطن کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاريءَ لاءِ آسياد گروپ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ جٽادار اقتصادي ۽ واپاري ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.











