پاڪستان صلاحيت رکندڙ ۽ مستحق شاگردن کي ناليوارين يونيورسٽين تائين پهچ، انساني وسيلن کي ترقيءَ جي ترجيحي شعبن سان هم آهنگي ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان صلاحيت رکندڙ ۽ مستحق شاگردن کي ناليوارين يونيورسٽين تائين پهچ ۽ انساني وسيلن کي ترقيءَ جي ترجيحي شعبن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ جارج ٽائون يونيورسٽي جي عالمي رابطن جي نائب صدر ٿامس بينڪوف سان ملاقات دوران چئي، جتي وفاقي وزير، …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان صلاحيت رکندڙ ۽ مستحق شاگردن کي ناليوارين يونيورسٽين تائين پهچ ۽ انساني وسيلن کي ترقيءَ جي ترجيحي شعبن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ جارج ٽائون يونيورسٽي جي عالمي رابطن جي نائب صدر ٿامس بينڪوف سان ملاقات دوران چئي، جتي وفاقي وزير، اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ايجوڪيشن اينڊومنٽ فنڊ تحت شروع ڪيل هڪ اهم پروگرام جي سلسلي ۾ ٿي، جنهن جو مقصد معاشي حالتن کان هٽي ڪري ميرٽ جي بنياد تي پاڪستاني شاگردن کي آمريڪا جي ناليوارين ۽ اعليٰ عالمي درجابندي جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. وفد جارج ٽائون يونيورسٽي جي تاريخي رگس لائبريري جو پڻ دؤرو ڪيو. وفاقي وزير ملاقات دوران پاڪستان جي نوجوان آباديءَ کي ملڪ جو اهم انساني سرمايو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي 30 سالن جي عمر کان گهٽ ماڻهن تي ٻَڌل آهي جنهن کي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا سائنس، حياتياتي ٽيڪنالاجي، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ عوامي پاليسي جهڙن اهم شعبن ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. هن جارج ٽائون يونيورسٽي سامهون گڏيل سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل ڀائيواريءَ جو هڪ جامع خاڪو به پيش ڪيو. تجويز موجب پاڪ اي اي ايف هر شاگرد کي ساليانو 29 هزار آمريڪي ڊالرن تائين وظيفو فراهم ڪندو جڏهن ته عالمي درجابندي جي ناليواريون يونيورسٽيون پاڪستاني شاگردن لاءِ مڪمل يا جزوي ٽيوشن فيس معاف ڪرڻ جي صورت ۾ معاونت ڪنديون. ان کان علاوه پاڪستاني شاگردن کي عالمي معيار جي تعليمي پروگرامن سان ڳنڍڻ لاءِ گڏيل رابطن جي پليٽ فارم جي قيام جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي. وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم لاءِ 1.5 ارب رپيا رکيا آهن جن کي قومي اهميت رکندڙ شعبن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ڊاڪٽريٽ تعليم لاءِ استعمال ڪيا ويندا. پاڪستاني وفد آمريڪا جي دؤري دوران ڪولمبيا يونيورسٽي، ڪارنيل يونيورسٽي، پرنسٽن يونيورسٽي، ييل يونيورسٽي، بران يونيورسٽي، ميسا چوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، هارورڊ يونيورسٽي ۽ جانز هاپڪنز يونيورسٽي سميت ڪيترين ئي ناليوارن تعليمي ادارن سان به اعليٰ سطحي رابطا قائم ڪيا. آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعد شيخ انهن قدمن لاءِ سفارتخاني جي مڪمل سفارتي معاونت جي خاطري ڪرائي. هن آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ هم وطنن جي نيٽ ورڪ کي متحرڪ ڪري پاڪ اي اي ايف جا وظيفا حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ اضافي معاون فنڊ قائم ڪرڻ سهڪار جي آڇ ڪئي. جارج ٽائون يونيورسٽي جي نائب صدر ٿامس بينڪوف پاڪستاني وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان طرفان پيش ڪيل قدمن جي اهميت کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دنيا کان همدردي نه پر ڀائيواري جو خواهشمند آهي، اهڙي ڀائيواري جيڪا صلاحيت رکندڙ، عزم ۽ ان يقين تي ٻَڌل هجي ته نوجوانن ۾ سيڙپڪاري مان سڀني کي فائدو ٿئي.