لاڙڪاڻي ۾ اسٽيوٽا جي ايم ڊي ۽ ٻين آفيسرن پاران شهر ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ اينڊ پليسمينٽ سينٽر جو افتتاح

لاڙڪاڻو-27 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (سيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ شيخ ڊائريڪٽر (آپريشنز) عبدالحفيظ عباسي ۽ (سيوٽا) لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر  مريد حسين ککراڻي سان گڏ ڪيريئر ڪائونسلنگ اينڊ پليسمينٽ سينٽر (سي سي اينڊ پي سي) شهر ۾ اوورسيز روزگار بابت انفارميشن سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو، جڏهن ته هي انفارميشن سينٽر لاڙڪاڻي ڊويزن جي شاگردن، فني تربيت يافته نوجوانن ۽ ماهر افرادي …

لاڙڪاڻو-27 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (سيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ شيخ ڊائريڪٽر (آپريشنز) عبدالحفيظ عباسي ۽ (سيوٽا) لاڙڪاڻو جي ريجنل ڊائريڪٽر  مريد حسين ککراڻي سان گڏ ڪيريئر ڪائونسلنگ اينڊ پليسمينٽ سينٽر (سي سي اينڊ پي سي) شهر ۾ اوورسيز روزگار بابت انفارميشن سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو، جڏهن ته هي انفارميشن سينٽر لاڙڪاڻي ڊويزن جي شاگردن، فني تربيت يافته نوجوانن ۽ ماهر افرادي قوت کي محفوظ، قانوني ۽ منصفاڻي لڏپلاڻ ۽ پرڏيهي روزگار جي موقعن بابت مستند معلومات ۽ مناسب رهنمائي فراهم ڪندو. ان موقعي تي سيوٽا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ شيخ چيو ته موجوده دور ۾ فني مهارتن سان گڏ نوجوانن کي عالمي روزگار جي مارڪيٽ، قانوني لڏپلاڻ جي طريقه ڪار ۽ پرڏيهي روزگار جي موقعن بابت صحيح معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته سيوٽا جو مقصد نوجوانن کي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان گڏ کين ملڪي ۽ عالمي روزگار جي مارڪيٽ سان ڳنڍڻ لاءِ مؤثر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان لاءِ سيوٽا انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان گڏجي هنر يافته نوجوانن لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، مئنيجر ڪيريئر ڪائونسلنگ اينڊ پليسمينٽ سينٽر لاڙڪاڻو، طارق حسين ابڙو، شرڪت ڪندڙن کي انفارميشن سينٽر جي اهميت ۽ مقصد بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هي سهولت لاڙڪاڻي ڊويزن جي نوجوانن لاءِ پرڏيهي روزگار بابت صحيح ۽ مستند معلومات حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو ثابت ٿيندي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو هن سهولت مان ڀرپور فائدو وٺن ۽ پرڏيهي روزگار لاءِ اڳتي وڌڻ کان اڳ قانوني طريقيڪار، گهربل مهارتن، دستاويزن ۽ تصديق ٿيل روزگار جي موقعن بابت مڪمل معلومات حاصل ڪن.ٻئي طرف، اسٽيوٽا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ شيخ سينٽرل جيل لارڪاڻي جو پڻ دورو ڪيو، جتي هن قيدين جي بحالي ۽ سندن صلاحيتن کي نکارڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.