بدين - 27 آگسٽ (اي پي پي) ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ بدين ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس بدين ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، کلي ڪچھري ۾ مختلف ادارن جي سرڪاري ملازمن پنھنجا مسئلا پيش ڪيا، ان موقعي تي مسئلن جي حل لاءِ پھتل ماڻهن پاران پينشن جي پي فنڊ ۽ پگھارن سميت مختلف معاملن جي حل لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ ماڻهن جا مسئلا غور …
ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس بدين ۾ کلي ڪچهري منعقد
بدين – 27 آگسٽ (اي پي پي) ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ بدين ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس بدين ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، کلي ڪچھري ۾ مختلف ادارن جي سرڪاري ملازمن پنھنجا مسئلا پيش ڪيا، ان موقعي تي مسئلن جي حل لاءِ پھتل ماڻهن پاران پينشن جي پي فنڊ ۽ پگھارن سميت مختلف معاملن جي حل لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ ماڻهن جا مسئلا غور سان ٻُڌا ۽ ڪيترائي معاملا فوري طور تي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا کليل ڪچهري دوران ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو ناڻي کاتي بدين جي آفيسرن کي ھدايت ڏيندي چيو ته کليل ڪچهري ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سرڪاري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، کليل ڪچهري ۾ درخواستگذارن ذڪيه، محمد هارون، حسن، محمد، عبدالواحد، فرمان علي، نجمه، شھزاد علي ۽ ٻين درخواستگذارن ناڻي کاتي سان لاڳاپيل مسئلا پيش ڪيا جنهن تي محتسب اعليٰ بروقت هدايتون جاري ڪيون، ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو ناڻي کاتي بدين جي آفيسرن ۽ ڪلرڪ اسٽاف کي هدايتون ڏيندي چيو ته ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ غير ضروري دير نه ڪئي وڃي ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته پينشن، جي پي فنڊ، ۽ پگهارن سان لاڳاپيل معاملا اوليت بنيادن تي حل ڪيا وڃن ته جيئن ملازمن کي پريشاني کان بچائي سگهجي ان موقعي تي موجود سرڪاري ملازمن ۽ رٽائرڊ ملازمن چيو ته اهڙيون کليل ڪچهرين سان سندن مسئلا اعليٰ اختيارين تائين پهچي رهيا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته انهن مسئلن کي جلد حل ڪيو ويندو، هن درخواستگذارن کي چيو ته جيڪڏهن توهان جا ڪم ناڻو کاتو بدين نه ڪري ته هو سندس آفيس تي پڻ اچي سگهن ٿا. صوبائي محتسب آفيس جا دروازا درخواستگذارن لاءِ هر وقت کليل آهن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر بدين عبداللہ باجاري، ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر ياسر ڊوگر، رجسٽرار محتسب اعليٰ بدين رضا محمد دل، عبدالستار ميمڻ ۽ مختلف ادارن جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.












