سينيٽ چيئرمين جي قيادت ۾ آءِ ايس سي جي وفد جي ڪمبوڊيا جي سينيٽ جي صدر سان ملاقات

اسلام آباد/نومه پنهه-27 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) ۾ شريڪ سمورن اسپيڪرز ۽ وفدن سان گڏجي ڪمبوڊيا جي سينيٽ جي صدر سامديڪ موهابور ورٿپادي هن سين سان خير سگالي ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪانفرنس جي ميزباني تي ڪمبوڊيا جي سينيٽ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ بين الپارلياماني ڳالهين کي …

اسلام آباد/نومه پنهه-27 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) ۾ شريڪ سمورن اسپيڪرز ۽ وفدن سان گڏجي ڪمبوڊيا جي سينيٽ جي صدر سامديڪ موهابور ورٿپادي هن سين سان خير سگالي ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪانفرنس جي ميزباني تي ڪمبوڊيا جي سينيٽ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ بين الپارلياماني ڳالهين کي هٿي ڏيڻ لاءِ سامديڪ هن سين جي قيادت ۽ ڪوششن کي ساراهيو. آءِ ايس سي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين عالمي امن کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر پارلياماني سفارتڪاري، گڏيل قدمن ۽ عالمي قانون جي پاسداري کي اڻٽر قرار ڏنو ويو. هن چيو ته دنيا هن وقت هٿياربند تڪرارن، جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ، معاشي غير يقيني، دهشتگردي ۽ موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ اثرن سميت ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، اهڙي ۾ گڏيل ڳالهيون ۽ عالمي تعاون پهرين کان ڪيترائي ڀيرا اهم ٿي ويو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته آءِ ايس سي کي اهڙو موثر پليٽ فارم بڻجڻ گهرجي جتي پارلياماني گڏيل ڳالهين، اتفاق راءِ ۽ تعاون ذريعي تڪرارن جي پرامن حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان هميشه ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي امن کي هٿي ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين اجتماعي سلامتي لاءِ سعودي عرب ۽ ترڪيه سان پاڪستان جي تعاون جو به حوالو ڏنو ۽ ان کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ وسيع ڪوششن جو حصو قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان کي عزم ۽ عمل طرف، ڳالهين کان اڳڀرائي طرف ۽ واعدن کان نتيجن طرف وڌڻو پوندو. هن پارلياماني سفارتڪاري کي  اداره جاتي شڪل ڏيڻ، اڀرندڙ بحرانن ۽ پارليامينٽ جي جامع رد عمل لاءِ موثر طريقيڪار جوڙڻ ۽ عالمي قانون جي احترام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڪمبوڊيا جي ڏهاڪن تي ٻڌل تڪرارن کان امن ۽ ترقي جي سفر جو حوالو ڏيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪمبوڊيا جو تجربو ان حقيقت جو عملي ثبوت آهي ته مصالحت، ڳالهين ۽ قومي يڪجهتي ذريعي پائيدار امن ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.