لاهور-27 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ايف آءِ اي زونل آفيس لاهور جو دورو ڪيو ۽ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ايف آءِ اي زونل آفيس جي اپ گريڊيشن پراجيڪٽ، انساني اسمگلنگ، حواله هنڊي، ڏوهاري پيشيور گينگز خلاف ڪاررواين سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي ترجمان موجب گهرو وزير محسن نقوي ايف آءِ اي زونل آفيس جي اپ گريڊيشن …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ ايف آءِ اي زونل آفيس لاهور ۾ اجلاس، انساني اسمگلنگ، هنڊي، ڏوهاري گينگز خلاف ڪاررواين جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
لاهور-27 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ايف آءِ اي زونل آفيس لاهور جو دورو ڪيو ۽ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ايف آءِ اي زونل آفيس جي اپ گريڊيشن پراجيڪٽ، انساني اسمگلنگ، حواله هنڊي، ڏوهاري پيشيور گينگز خلاف ڪاررواين سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي ترجمان موجب گهرو وزير محسن نقوي ايف آءِ اي زونل آفيس جي اپ گريڊيشن پراجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن انساني اسمگلنگ ۽ حواله هنڊي ۾ ملوث مافيا خلاف موثر ڪارروائي جا حڪم جاري ڪندي چيو ته انساني اسمگلنگ ۽ حواله هنڊي مافيا جي سڄي چين کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ڏوهاري پيشيور گينگز خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون ايف آءِ اي جي ذميواري آهي، ان سلسلي ۾ عملي نتيجا نظر اچڻ گهرجن. ايف آءِ اي آفيسرن ۽ عملي کي هر ممڪن سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ وڌيڪ به ڪنداسين. اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي اميگريشن ڪائونٽرز تي لڳايل پراڻين ڪئميرائن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته جديد ترين ٽيڪنالاجي واريون ڪئميرائون لڳائڻ جي اصولي منظوري به ڏني وئي. شڪايت جي داخلا لاءِ پاڪ آءِ ڊي ايپ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو به اصولي فيصلو ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي زونل آفيس لاهور جي ڊائريڪٽر اجلا کي اپ گريڊيشن پراجيڪٽ تي اڳڀرائي ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل هڪ سال دوران 1670 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون جڏهن ته 5 هزار انڪوائرين مان 4 هزار انڪوائريون اڪلايون ويون. ان دوران 295 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ايف آءِ اي زونل آفيس لاهور جي ڊائريڪٽر ۽ سمورن سرڪل انچارجز شرڪت ڪئي.











