اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پمز ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ متاثر خاندانن کي صبر ڏي. وزارت مان جاري بيان موجب خميس ڏينهن وفاقي وزير، سامونڊي معاملن واري وزارت جي ماتحت ادارن ۾ فوري فائر سيفٽي آڊٽ جو حڪم جاري ڪيو. جنيد انوار چوڌري چيو ته سامونڊي معاملن …
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير پاران پمز ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پمز ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ متاثر خاندانن کي صبر ڏي. وزارت مان جاري بيان موجب خميس ڏينهن وفاقي وزير، سامونڊي معاملن واري وزارت جي ماتحت ادارن ۾ فوري فائر سيفٽي آڊٽ جو حڪم جاري ڪيو. جنيد انوار چوڌري چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت جا سمورا ادارا 15 ڏينهن ۾ هر عمارت جي آڊٽ رپورٽ جمع ڪرائين ۽ آفيسن، اسپتالن، رهائشي عمارتن ۽ گودامن جو فائر سيفٽي آڊٽ مڪمل ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ اسپتال جي فائر سيفٽي آڊٽ کي خصوصي ترجيح ڏني وڃي، هن وڌيڪ چيو ته فائر الارمز، دونهين جي ڊيٽيڪٽرز ۽ اسپرنڪلرز جي ڪارڪردگي جانچي وڃي ۽ بجلي جي وائرنگ ۽ ٻين امڪاني باهه جي خطرن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته هنگامي رستن، ڏاڪڻين ۽ فائر ايگزٽس کي رڪاوٽن کان پاڪ رکيو وڃي ۽ خراب فائر فائٽنگ اوزارن جي وقت سر تبديلي يقيني بڻائي وڃي.











