اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين پاران ڏيهه اماڻيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو مجموعي ڳاڻيٽو 13.647 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب نومبر 2020ع کان وٺي جولاءِ 2026ع جي پڄاڻي تائين پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ذريعي 13.647 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻهو ملڪ موڪليو، صرف جولاءِ جي مهيني ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل …
روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين پاران ڏيهه اماڻيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو مجموعي ڳاڻيٽو 13.647 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين پاران ڏيهه اماڻيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جو مجموعي ڳاڻيٽو 13.647 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب نومبر 2020ع کان وٺي جولاءِ 2026ع جي پڄاڻي تائين پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ذريعي 13.647 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻهو ملڪ موڪليو، صرف جولاءِ جي مهيني ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين ان اڪائونٽس ذريعي 282 ملين ڊالر موڪليا. انگن اکرن موجب روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين هن وقت تائين 2.15 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. نومبر ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين آر ڊي اي اڪائونٽس ذريعي 91 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي. انگن اکرن موجب پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽس ۾ مجموعي طور تي 684 ملين ڊالر، نيا پاڪستان اسلامي سرٽيفڪيٽ ۾ 1.316 ارب ڊالر ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 151 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي.











