ملڪي ايڪسپورٽ ۾ ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي نمايان اضافو، جولاءِ ۾ ايڪسپورٽ 2.961 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي ايڪسپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني جولاءِ دوران  ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري جي رپورٽ موجب جولاءِ 2026ع ۾ ملڪي ايڪسپورٽ 10.39 سيڪڙو اضافي سان2.961 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي. پي بي ايس جي انگن اکرن موجب ماهوار بنيادن تي به ايڪسپورٽ ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ جون 2026ع جي …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي ايڪسپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني جولاءِ دوران  ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري جي رپورٽ موجب جولاءِ 2026ع ۾ ملڪي ايڪسپورٽ 10.39 سيڪڙو اضافي سان2.961 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي. پي بي ايس جي انگن اکرن موجب ماهوار بنيادن تي به ايڪسپورٽ ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ جون 2026ع جي 2.242 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ 32.09 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. جولاءِ 2026ع ۾ ايڪسپورٽ ڪيل اهم شين ۾ ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي ايڪسپورٽ هڪ ارب 814.04 ملين ڊالر، غذائي مصنوعات جي ايڪسپورٽ 437.078 ملين ڊالر، پيٽروليم گروپ ۽ ڪوئلو 80.539 ملين ڊالر ۽ ٻي مصنوعات جي ايڪسپورٽ 387.54 ملين ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف جولاءِ 2026ع دوران پاڪستان جو آمدني واپار 6 ارب 939 ملين ڊالر رهيو جيڪو جون 2026ع جي 6  ارب 898 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 0.60 سيڪڙو وڌيڪ ۽ جولاءِ 2025ع جي 5.837 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 18.89 سيڪرو وڌيڪ آهي. جولاءِ 2026ع ۾ امپورٽ ڪيل اهم شين ۾ غذائي شين جي امپورٽ 805.48 ملين ڊالر، مشينري گروپ جي امپورٽ هڪ ارب 310.93 ملين ڊالر، ٽرانسپورٽ گروپ جي امپورٽ 422.30 ملين ڊالر، پيٽروليم گروپ جي امپورٽ هڪ ارب 276.73 ملين ڊالر، ٽيڪسٽائيل امپورٽ 682.206 ملين ڊالر، زرعي ۽ ٻي ڪيميڪل جي امپورٽ هڪ ارب 98.42 ملين ڊالر، ميٽل گروپ جي امپورٽ 733.23 ملين ڊالر ۽ ٻين شين جي امپورٽ 490.68 ملين ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي.