اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)عالمي مارڪيٽن ۾ خميس ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. ميڊيا رپورٽ موجب ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي مستقبل جا سودا 1.18 ڊالرن جي گهٽتائي کانپوءِ 81.05 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جي مستقبل جا سودا 1.21 ڊالرن جي گهٽتائي سان 86.63 ڊالر في بيرل طئي ٿيا. سون جي قيمت 13.57 …
عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ مجموعي گهٽتائي، سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو

مزید خبریں
اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)عالمي مارڪيٽن ۾ خميس ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. ميڊيا رپورٽ موجب ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي مستقبل جا سودا 1.18 ڊالرن جي گهٽتائي کانپوءِ 81.05 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ جي مستقبل جا سودا 1.21 ڊالرن جي گهٽتائي سان 86.63 ڊالر في بيرل طئي ٿيا. سون جي قيمت 13.57 ڊالرن جي اضافي کانپوءِ 4604.64 ڊالر في اونس جڏهن ته چاندي جي قيمت 0.54 ڊالرن جي اضافي کانپوءِ 69.36 ڊالر في اونس ٿي وئي. ڪڻڪ جي قيمت 4.50 ڊالرن جي اضافي کانپوءِ 752.75 ڊالر في بشل ۽ ڪاٽن جي قيمت 0.09 ڊالرن جي اضافي کانپوءِ 89.23 ڊالر في بشل رڪارڊ ڪئي وئي. ان جي ابتڙ مڪئي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو ۽ مستقبل جا سودا 0.75 ڊالرن جي گهٽتائي کانپوءِ 535.75 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.











