ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي منعقد

لاڙڪاڻو - 27 آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس ڪميٽي ۽ سوشو پوليٽيڪل ڊومين بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.  اجلاس ۾ اي ڊي سي مسرور احمد بجاراڻي، ڊي ايس پي، سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز قانون لاڳو ڪندڙ ڳجهن ادارن جي ضلعي سربراهن، وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن ضلعي اندر ڪم ڪندڙ فلاحي اين جي اوز  جي عملدارن وڏي انگ …

لاڙڪاڻو – 27 آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس ڪميٽي ۽ سوشو پوليٽيڪل ڊومين بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.  اجلاس ۾ اي ڊي سي مسرور احمد بجاراڻي، ڊي ايس پي، سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز قانون لاڳو ڪندڙ ڳجهن ادارن جي ضلعي سربراهن، وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن ضلعي اندر ڪم ڪندڙ فلاحي اين جي اوز  جي عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آغا شير زمان چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي هدايتن تحت نيشنل ايڪشن پلان تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جو مقصد غير قانوني ۽ نان ڪسٽم پيڊ شين جي روڪڻ , اينٽي انڪروچمينٽ ،غيرقانوني پيٽرول پمپ، غير ملڪي ماڻهن جي نشاندهي، ضلعي اندر ڪم ڪندڙ فلاحي اين جي اوز جي ڪارڪردگي تي نظر سميت غير قانوني شين جو خاتمو آڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي سمورن آفيسرن کي ضلعي انتظاميه سان ويجهو رابطو رکڻ گهرجي. دشمن عنصرن پاران ڦهلايل غلط پروپيگنڊا ۽ ڪوڙين خبرن جو بروقت ۽ مؤثر جواب ڏنو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي افراتفري يا انتشار کي روڪي سگهجي. سوشو پوليٽيڪل ڊومين ۽ سنڌ حڪومت جي هدايتن موجب اجلاس ۾ مختلف پروگرام منعقد ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوانن ۾ قومي شعور، اتحاد ۽ قائداعظم محمد علي جناح ؒ  جي آزاديءَ واري جدوجهد بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ تعليمي ۽ ادبي پروگرام توڙي آگاهي مهمون منعقد ڪيون وڃن. هن چيو ته نوجوان نسل ۾ حب الوطني، قومي يڪجهتي ۽ مثبت سماجي قدرن جي واڌاري لاءِ اهڙيون سرگرميون انتهائي اهميت رکن ٿيون.