پاڪستان 31 آگسٽ تي ٿيندڙ ايس سي او اجلاس کانپوءِ هڪ سال جي مدي لاءِ تنظيم جي صدارت سنڀاليندو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 27 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 31 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تي بشڪيڪ ڪرغزستان ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ هڪ سال جي مدي لاءِ ايس سي او جي صدارت سنڀاليندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي خميس ڏينهن هتي پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف بشڪيڪ جو دورو ڪندو، …

اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 31 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تي بشڪيڪ ڪرغزستان ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ هڪ سال جي مدي لاءِ ايس سي او جي صدارت سنڀاليندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي خميس ڏينهن هتي پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف بشڪيڪ جو دورو ڪندو، جتي هو ايس سي او جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ڪرغزستان جي قيادت سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان جي ايس سي او صدارت جو اهم ترين مرحلو 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جو اجلاس هوندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم جي ڪرغزستان جي دوري جي حتمي تاريخن ۽ پروگرام سميت وڌيڪ تفصيل ايندڙ ڏينهن ۾ جاري ڪيا ويندا.