نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران چين ۽ نيپال ۾ ٻوڏ ۽ ليند سلائيڊنگ سبب ٿيل نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 27 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين ۽ نيپال ۾ اوچتو ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ ليند سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي گم ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير …

اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين ۽ نيپال ۾ اوچتو ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ ليند سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي گم ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ان ڏک جي گهڙيءَ ۾ پنهنجي چيني ۽ نيپالي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان افسوسناڪ سانحي کانپوءِ هر ممڪن تعاون ۽ امداد جي آڇ ڪري ٿو. هن فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مشڪل حالتن ۾ اڻٿڪ محنت ڪندڙ امدادي ۽ ريسڪيو ٽيمن جي همت ۽ جذبي کي سلام پيش ڪيو.