وفاقي گهرو وزير پاران خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 11 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته بهادر سپوتن وقت سر ۽ اثرائتيون ڪارروائيون …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 11 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته بهادر سپوتن وقت سر ۽ اثرائتيون ڪارروائيون ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان اسانجو سرمايو آهن ۽ ملڪي دفاع ۽ سلامتي لاءِ سندن خدمتون قدر جوڳيون آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سموري قوم دهشتگردي خلاف ان جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي.