اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيل برادري جي مسئلن جي حل ۽ انصاف جي موثر فراهمي لاءِ بار ايسوسيئيشنز سان رابطا وڌيڪ موثر بڻايا ويندا. ترجمان موجب وفاقي وزير سان گذريل ڏينهن مختلف بار ايسوسيئيشنز جي عهديدارن ۽ وڪيل اڳواڻن ملاقات ڪيون، جن ۾ وڪيل برادري جي پيشيوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وڪيلن …
وڪيل برادري جي مسئلن جي حل لاءِ بار ايسوسيئيشنز سان رابطا وڌيڪ اثرائتا بڻائينداسين: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيل برادري جي مسئلن جي حل ۽ انصاف جي موثر فراهمي لاءِ بار ايسوسيئيشنز سان رابطا وڌيڪ موثر بڻايا ويندا. ترجمان موجب وفاقي وزير سان گذريل ڏينهن مختلف بار ايسوسيئيشنز جي عهديدارن ۽ وڪيل اڳواڻن ملاقات ڪيون، جن ۾ وڪيل برادري جي پيشيوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وڪيلن کي درپيش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ مختلف بار ايسوسئيشنز جي نمائندن جي آجيان ڪئي ۽ انصاف جي موثر فراهمي ۽ قانوني نظام جي بهتري ۾ وڪيل برادري جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو. ملاقاتن ۾ گڏيل رابطي ۽ قانوني شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو.











