سوئي سدرن لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ پائيدار ڪاروباري ماڊل تيار ڪيو وڃي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ (ايس ايس جي سي ايل) جي بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪمپني کي مالي طور تي مستحڪم ۽ قابل عمل ادارو بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ۽ پائيدار ڪاروباري ماڊل تيار ڪيو وڃي جنهن ۾ خاص ڪري يو ايف جي تي ضابطو آڻڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، جڏهن ته عوامي خدمتن …

اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ (ايس ايس جي سي ايل) جي بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪمپني کي مالي طور تي مستحڪم ۽ قابل عمل ادارو بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ۽ پائيدار ڪاروباري ماڊل تيار ڪيو وڃي جنهن ۾ خاص ڪري يو ايف جي تي ضابطو آڻڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، جڏهن ته عوامي خدمتن کي اولين ترجيح حاصل هجي. پيٽروليم ڊويزن واري ترجمان موجب وفاقي وزير ڪراچي ۾ ايس ايس جي سي ايل جي چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز، مينيجنگ ڊائريڪٽرز ۽ سينئر انتظاميه سان اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ڪمپني جي ڪارڪردگي، اهم ڪاميابيون، آپريشنل چئلينجز ۽ مستقبل جي سڌارن جي ترجيحن جو جائزو ورتو ويو. ايس ايس جي سي ايل بورڊ جي چيئرمين وفاقي وزير جي آجيان ڪئي، جڏهن ته مينيجنگ ڊائريڪٽر وفاقي وزير کي ڪمپني جي اهم سنگ ميل، ڪاميابين ۽ درپيش چئلينجز کان آگاهه ڪيو. انتظاميه ٻڌايو ته ڪمپني جي گئس ڊسٽري بيوشن نظام ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ ڳاڻيٽي جي اعتبار کان يو ايف جي ۾ اٽڪل 57 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ، صنعتي صارفين ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس لاءِ گئس جي لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، جڏهن ته گهريلو صارفين کي روزانو 3 ڀيرا گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، وفاقي وزير  چيو ته گذريل هڪ سال دوران گئس جي قيمتن ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته گئس جي گردشي قرض ۾ اضافو اٽڪل روڪيو ويو آهي، جيڪو گئس جي شعبي جي استحڪام طرف اهم اڳڀرائي آهي. وفاقي وزير چيو ته قيمتن جي مختلف سليبز ذريعي گئس سبسڊي جي موجوده نظام تي نظرثاني جي ضرورت آهي. هن سمورن صارفين لاءِ گئس جي هڪ منصفاڻي قيمت طرف منتقلي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ڪمزور طبقن کي هدفي سماجي تحفظ جي پروگرامن ذريعي تحفظ فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته ان منتقلي سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو ۽ صارفين جي متبادل ٻارڻ طرف منتقلي ۾ گهٽتائي ايندي. هن ايس ايس جي سي ايل بورڊ تي زور ڀريو ته ڪمپني کي پاڻڀرو بڻائڻ، آپريشنل صلاحيت وڌائڻ ۽ انساني وسيلن جي صلاحيتن ۾ اضافو، نقصانن ۽ گئس چوري ۾ گهٽتائي، اوڳاڙين جي وصولي مضبوط بڻائڻ ۽ وسيلن جي بهتر استعمال تي هڪ جامع ڪاروباري سڌارن واري حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس دوران پيٽروليم واري سيڪريٽري زور ڀريو ته بورڊ سرڪاري ملڪيتي ادارن (ايس او اي) ايڪٽ جي بنيادي تصور موجب آزاداڻي طور تي ڪم ڪندو آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت اڳ ئي عالمي بئنڪ سان گئس جي شعبي ۾ جامع سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد ساختي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ گئس جي شعبي کي وڌيڪ موثر، پائيدار ۽ ڊگهي مدي وارو قابل بڻائڻ آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته بلوچستان ۾ گئس جي فراهمي بابت مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جڏهن ته فني چئلينجز، انفرا اسٽرڪچر جي مشڪلاتن ۽ گئس چوري جي مسئلن کي به منهن ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪمپني جي ڊگهي مدي واري پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڌارن وارا قدم پڻ جاري رکيا وڃن.