پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران نيپال ۾ خطرناڪ ٻوڏ سبب انساني حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري نيپال ۾ اوچتو آيل خطرناڪ ٻوڏ سبب قيمتي انساني حياتين جي نقصان ۽ وڏي پيماني تي تباهي اچڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل فوتگيون هڪ وڏو دل ڏکوئيندڙ سانحو آهن. هن چيو ته …

اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري نيپال ۾ اوچتو آيل خطرناڪ ٻوڏ سبب قيمتي انساني حياتين جي نقصان ۽ وڏي پيماني تي تباهي اچڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل فوتگيون هڪ وڏو دل ڏکوئيندڙ سانحو آهن. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان متاثرن ڪٽنبن سان گڏ آهيون. هن سوڳوار ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي ۽ لاپتا ٿي ويلن جي جلد کان جلد پنهنجن پيارن ڏانهن واپسي جي پڻ دعا ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان نيپال جي عوام ۽ حڪومت سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.