اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي کين زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ انتهائي اثرائتي ڪارروائي ڪندي 11 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. محمد …
ريلوي واري وفاقي وزير پاران بنون ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي کين زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ انتهائي اثرائتي ڪارروائي ڪندي 11 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. محمد حنيف عباسي چيو ته وطن جي دفاع ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ لازوال قربانيون سموري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن، پاڪستان جا بهادر جوان ملڪي سلامتي لاءِ فولاد جي ديوار آهن ۽ دهشتگرد عنصر پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سموري قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي.











