گڏيل قومون-27 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته عالمي سلامتي جي منظر نامي ۾ تيزي سان پيدا ٿيندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي امن مشنز کي نئين صورتحال مطابق پاڻ کي بڻائڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنرل اسيمبلي جي غير رسمي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ جاگرافيائي سياسي تبديليون پيدا ٿي رهيون آهن، طاقت جو …
گڏيل قومن جي امن مشنز کي تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال مطابق پاڻ کي بڻائڻو پوندو: انتونيو گوتريش
گڏيل قومون-27 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته عالمي سلامتي جي منظر نامي ۾ تيزي سان پيدا ٿيندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي امن مشنز کي نئين صورتحال مطابق پاڻ کي بڻائڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنرل اسيمبلي جي غير رسمي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ جاگرافيائي سياسي تبديليون پيدا ٿي رهيون آهن، طاقت جو توازن وڌيڪ ڇڙ وڇڙ ٿي رهيو آهي، اثر و رسوخ جا نوان مرڪز اڀري رهيا آهن ۽ تڪرارن جون نيون شڪليون سامهون اچي رهيون آهن. هن چيو ته بين الرياستي تڪرارن ۾ اضافو جڏهن ته اندروني تڪرار به وڌيڪ منجهيل، ڊگها ۽ عالمي نوعيت اختيار ڪري رهيا آهن. ان صورتحال ۾ گڏيل قومن جي امن مشنز بابت سوچ ۽ انهن جي استعمال جي طريقي ڪار ۾ بنيادي تبديلي جي ضرورت آهي. هن امن مشنز ۾ اڳواٺ سفارتڪاري، امن قائم ڪرڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، خاص نمائندن ۽ سيڪريٽريٽ جي سفارتي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته امن ڪارروائين کي وڌيڪ اثرائتو، گهٽ خرچ ۽ لچڪدار بڻائڻ سان گڏ جوابدهي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي ۽ علائقائي شراڪتداري کي به مضبوط ڪرڻو پوندو.












