واشنگٽن-27 آگسٽ (اي پي پي)عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي چيو آهي ته جيڪڏهن هو گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو ته روس سان سندس لاڳاپا سنجيده ۽ پيشيوراڻا هوندا. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي رافيل گروسي چيو ته هن روس سان سٺو ورڪنگ ريليشن شپ قائم ڪيو آهي ۽ ٻنهي پاسي گڏيل احترام موجود آهي. هن چيو ته کيس روس جي …
جيڪڏهن مان گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويس ته روس سان لاڳاپا سنجيده ۽ پيشيوراڻا هوندا: رافيل گروسي
واشنگٽن-27 آگسٽ (اي پي پي)عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي چيو آهي ته جيڪڏهن هو گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو ته روس سان سندس لاڳاپا سنجيده ۽ پيشيوراڻا هوندا. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي رافيل گروسي چيو ته هن روس سان سٺو ورڪنگ ريليشن شپ قائم ڪيو آهي ۽ ٻنهي پاسي گڏيل احترام موجود آهي. هن چيو ته کيس روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ روس جي ايٽمي توانائي ڪارپوريشن روسٽوم جي سربراهه لخاچيف سان ڪيترن ئي ملاقاتن جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. رافيل گروسي چيو ته روس سان هن جا بهترين لاڳاپا آهن ۽ جيڪڏهن هو گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو ته روس سان سهڪار انتهائي سنجيده ۽ پيشيوراڻن بنيادن تي جاري رهندو.












