گڏيل قومن پاران سعودي عرب کي”ورلڊ ريسٽوريشن فليگ شپس“ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو

رياض-27 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن پاران سعودي عرب کي ”ورلڊ ريسٽوريشن فليگ شپس“ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو ايوارڊ مملڪت پاران نباتاتي ڪور ۾ اضافي، غيرآباد زمينن جي بحالي، ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ حياتياتي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. اهو ايوارڊ منگوليا جي ميزباني ۾ گڏيل قومن جي ريگستاني پکيڙ جي ڪنوينشن جي 17 هين اجلاس …

رياض-27 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن پاران سعودي عرب کي ”ورلڊ ريسٽوريشن فليگ شپس“ ايوارڊ ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو ايوارڊ مملڪت پاران نباتاتي ڪور ۾ اضافي، غيرآباد زمينن جي بحالي، ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ حياتياتي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. اهو ايوارڊ منگوليا جي ميزباني ۾ گڏيل قومن جي ريگستاني پکيڙ جي ڪنوينشن جي 17 هين اجلاس دوران منعقد هڪ تقريب ۾ ڏنو ويو. گڏيل قومن سعودي عرب جي نيشنل گريننگ پروگرام کي ماحولياتي نظام جي بحالي لاءِ هڪ عالمي قدم طور تسليم ڪيو آهي. ان پروگرام تحت 15 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويا. اٽڪل 10 لک ايڪڙ غيرآباد زمين کي ٻيهر آباد ڪيو ويو. ان کان علاوه نيشنل گريننگ پروگرام سعودي ويزن 2030ع جي ماحولياتي هدفن مطابق سوڪهڙي، ريگستاني پکيڙ ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.