گڏيل قومون-27 آگسٽ(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني امداد واري اداري چيو آهي ته ڪولمبيا ۾ 7.4 جي شدت جي آيل زلزلي جي ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصي بعد شديد متاثر بلدياتي علائقن ۾ اٽڪل 50 هزار ماڻهن کي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن جي سهڪار سان جاري امداد …
ڪولمبيا ۾ زلزلو، 50 هزار ماڻهن کي امداد فراهم ڪئي وئي: گڏيل قومون
گڏيل قومون-27 آگسٽ(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني امداد واري اداري چيو آهي ته ڪولمبيا ۾ 7.4 جي شدت جي آيل زلزلي جي ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصي بعد شديد متاثر بلدياتي علائقن ۾ اٽڪل 50 هزار ماڻهن کي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن جي سهڪار سان جاري امداد ۾ صاف پاڻي، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو سامان، عارضي صفائي جون سهولتون ۽ ٻارن ۽ وڏن لاءِ صحت جي حفاظت جون ڪٽس شامل آهن. صحت جي شعبي ۾ طبي خدمتون، بيمارين جي نگراني ۽ طبي مرڪزن کي بجلي جي فراهمي به يقيني بڻائي پئي وڃي. اختيارين مطابق زلزلي سبب 3 لک 25 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته 331 ماڻهو فوت، 4 هزار 439 زخمي ۽ 240 گم ٿي پيا آهن. 31 هزار کان وڌيڪ گهر تباهه جڏهن ته 378 طبي مرڪز ۽ 3 هزار 758 اسڪولن کي نقصان پهتو، جنهن سبب 4 لک کان وڌيڪ ٻارن ۽ نوجوانن جي تعليم متاثر ٿي آهي. اداري مطابق ڪولمبيا لاءِ 62 ڪروڙ ڊالرن جي انساني امداد ۽ بحالي منصوبي لاءِ هن وقت تائين رڳو 47 سيڪڙو فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن.












