گڏيل قومون-27 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي امدادي ادارن نيپال ۽ تبت جي سرحد تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب متاثر علائقن ۾ هنگامي امدادي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اوچتو آيل ان شديد ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ سوين ماڻهو لاپتا ٿي ويا آهن. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته گڏيل قومن جا ادارا ۽ انساني امداد جا …
گڏيل قومن جي امدادي ادارن نيپال ۽ تبت جي سرحد تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب متاثر علائقن ۾ هنگامي امدادي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون
گڏيل قومون-27 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي امدادي ادارن نيپال ۽ تبت جي سرحد تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب متاثر علائقن ۾ هنگامي امدادي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اوچتو آيل ان شديد ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ سوين ماڻهو لاپتا ٿي ويا آهن. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته گڏيل قومن جا ادارا ۽ انساني امداد جا حصيدار مقامي عملدارن جي مدد ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته نيپال ۾ اٽڪل 10 هزار گهراڻا فوري امداد جا محتاج آهن. گڏيل قومن جون ٽيمون صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ امدادي ضرورتن جو تعين ڪرڻ ۾ پڻ مصروف آهن. ترجمان موجب چين جي تبت خودمختار علائقو آهي اتي به وڏي پئماني تي تباهي ۽ جاني نقصان جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته گڏيل قومون چيني حڪومت جي قيادت هيٺ امدادي ڪوششن ۾ مدد لاءِ تيار آهي. سيو دي چلڊرين ٻوڏ سبب متاثر ضلعي نو واڪوت ۾ عملو مقرر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نيپال ريڊ ڪراس 200 هنگامي پناهگاهن جا پيڪيجز روانا ڪيا آهن.












