کٽمنڊو/بيجنگ-27 آگسٽ (اي پي پي)نيپال ۽ تبت جي سرحد تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ 165 ماڻهو فوت ۽ 800 پرڏيهين سميت اٽڪل 1500 ماڻهو لاپتا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هماليه جي جابلو علائقي ۾ مٽيءَ ۽ پٿرن جي هڪ وڏي ڇپ درياهه ۾ ڪرڻ کانپوءِ اوچتو آيل ٻوڏ ڪيترن ئي ڳوٺن، ٻهراڙين، رستن ۽ پلين کي شديد نقصان پهچايو. نيپال ۾ 826 ماڻهو …
نيپال ۽ تبت جي سرحد تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 165 ماڻهو فوت، 800 پرڏيهين سميت 1500 ماڻهو لاپتا
کٽمنڊو/بيجنگ-27 آگسٽ (اي پي پي)نيپال ۽ تبت جي سرحد تي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ 165 ماڻهو فوت ۽ 800 پرڏيهين سميت اٽڪل 1500 ماڻهو لاپتا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هماليه جي جابلو علائقي ۾ مٽيءَ ۽ پٿرن جي هڪ وڏي ڇپ درياهه ۾ ڪرڻ کانپوءِ اوچتو آيل ٻوڏ ڪيترن ئي ڳوٺن، ٻهراڙين، رستن ۽ پلين کي شديد نقصان پهچايو. نيپال ۾ 826 ماڻهو لاپتا آهن، جن ۾ اٽڪل 500 پرڏيهي سياح شامل آهن. لاپتا پرڏيهين ۾ ڀارت جا 177، آمريڪا جا 63، آسٽريليا جا 34، برطانيه جا 33 ۽ ڪينيڊا جا 25 شهري شامل آهن. چين جي خطي تبت جي گيئرونگ ڪانٽي ۾ 558 ماڻهو لاپتا آهن، جن ۾ 260 پرڏيهي شهري شامل آهن، جڏهن ته چين ۾ فوتگين جو تعداد 3 ٻڌايو ويو آهي. نيپال ۾ 5 هزار کان وڌيڪ فوجي ۽ پوليس اهلڪار امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هيلي ڪاپٽرن ذريعي متاثر علائقن ۾ خيما، خوراڪ ۽ ٻين ضروري امدادي سامان پهچايو پيو وڃي جڏهن ته ريسڪيو ٽيمون خميس ڏينهن 125 ماڻهن کي بچايو، جن ۾ 20 پرڏيهي به شامل آهن. متاثرن ۾ ڪيلاش مانسرور جي ياترا تي ويندڙ ڪيترائي زائرين به شامل آهن. هماليائي سياحتي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو ساگر پانڊي موجب ڪمپني سان ياترا تي ويندڙ 15 ڀارتي ڄاون آسٽريلوي شهري لاپتا آهن. هن ٻڌايو ته فضائي جائزي دوران متاثر علائقن ۾ انساني آبادي ۽ تعميرات جو وڌيڪ حصو تباهه نظر آيو. نيپال جي عملدارن موجب شروعاتي طور تي خيال ڪيو ويو ته علائقي ۾ زلزلي سبب گليشيئرز جو هيٺيون حصو ٽٽڻ سبب ٻوڏ آئي، جڏهن ته آمريڪي جيولاجيڪل سروي واضح ڪيو ته زلزلي جي سرگرمي اصل ۾ گليشيئر جي وڏن ٽڪڙن ۽ برف جي ٽٽڻ ۽ ان کانپوءِ ملبي جي وهڪري سبب پيدا ٿي هئي. آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو ته تباهي بابت معلومات اڃان تائين محدود آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ماهر صلاحڪار موڪلڻ ۽ 5 لک ڊالرن جي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ڪينيڊا به صورتحال تي گهري نظر رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش موجب گڏيل قومن جون ٽيمون ۽ امدادي حصيدار متاثر نيپالي آبادين جي مدد لاءِ امدادي سامان ۽ عملو موڪلي رهيا آهيون.












