وزيراعظم پاران پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل حمايت، فراخدلاڻي مدد ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڪردار جي ساراهه

اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل حمايت، فراخدلاڻي مدد ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڪردار کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي پنهنجُون سفارتي ذميواريون مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ …

اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل حمايت، فراخدلاڻي مدد ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڪردار کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي پنهنجُون سفارتي ذميواريون مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجُون سفارتي ذميواريون ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرن ڀائراڻن ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي وڌيڪ استحڪام لاءِ سندس شاندار خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي صحت ۽ تندرستي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل حمايت ۽ فراخدلاڻي مدد کي ساراهيندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سعودي عب جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پنهنجي سفارتي ذميوارين دوران پاڪستان طرفان ملندڙ گرمجوشي، تعاون ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم ۽ پاڪستان جي حڪومت جا دل جي گهراين سان ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي مُدي کي هڪ يادگار ۽ خوشگوار تجربو قرار ڏيندي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ذاتي عزم کي ورجايو. وزيراعظم سعودي سفير جي لاءِ سندس مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.