صدر پاران بنون ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الھندوستان ۽ فتنه الخوارج سميت پرڏيهي مدد سان سرگرم دهشتگرد عنصرن جو خاتمو قومي سلامتي ۽ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪري صاهه …

اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الھندوستان ۽ فتنه الخوارج سميت پرڏيهي مدد سان سرگرم دهشتگرد عنصرن جو خاتمو قومي سلامتي ۽ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪري صاهه کڻنداسين، هن چيو ته قوم کي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ ڪاميابين تي فخر آهي.