وزيراعظم پاران بنون ضلعي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ان آپريشن ۾ 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پُوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن …

اسلام آباد- 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ان آپريشن ۾ 11 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پُوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته هو ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.