اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ جي لاءِ اعلى سطحي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، رٽائرڊ وفاقي سيڪريٽري شاهد خان انڪوائري ڪميٽي جو چيئرمين جڏهن ته ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر خورشيد اُترا، ڊاڪٽر بئريسٽر نبيل احمد اعواڻ ۽ دپٽي ڪمشنر اسلام آباد ڪميٽي جا ميمبر هوندا. اربع …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ لاءِ اعلى سطحي انڪوائري ڪميٽي قائم، نوٽيفڪيشن جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ جي لاءِ اعلى سطحي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، رٽائرڊ وفاقي سيڪريٽري شاهد خان انڪوائري ڪميٽي جو چيئرمين جڏهن ته ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر خورشيد اُترا، ڊاڪٽر بئريسٽر نبيل احمد اعواڻ ۽ دپٽي ڪمشنر اسلام آباد ڪميٽي جا ميمبر هوندا. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نوٽيفڪيشن ۾ ڪميٽي جا ٽرمز آف ريفرنس جاري ڪيا ويا آهن، ڪميٽي باهه لڳڻ جي فوري سبب ۽ واقعي جي ٽائيم لائين جو تعين ڪندي، ڪميٽي اسپتال جي عملي ۽ فائر برگيڊ، ريسڪيو 1122 سميت لاڳاپيل ادارن جي هنگامي ردعمل ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺندي. نئين ڄاول ٻارن جي منتقلي خاص طور تي هاءِ رسڪ نئين ڄاول ٻارن جي انخلا جي حوالي سان هنگامي ايس او پيز تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو ويندو. ڪميٽي پمز ۾ فائر سيفٽي انفراسٽرڪچر ۽ حفاظتي ضابطن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو وٺندي جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ڪنهن به شخص جي ذميواري ۽ ڪوتاهي جو تعين ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو. ڪميٽي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ پمز جي انتظامي نظام ۾ ضروري سڌارن جون سفارشون پيش ڪندي، انڪوائري ڪميٽي 48 ڪلاڪن جي اندر فوري نوعيت جي سفارشن تي ٻڌل عبوري رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندي. انڪوائري ڪميٽي واقعي جي مڪمل جاچ ۽ عمل جوڳي سفارشن تي ٻڌل جامع رپورٽ 5 ڏينهن جي اندر وزيراعظم کي پيش ڪندي. قومي صحت واري وزارت کي فوري طور تي انڪوائري ڪميٽي کي نوٽيفاءِ ڪرڻ ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.











