اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) آپريشن رد الفتنه 3 تحت سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع خاران ۾ دهشتگردن پاران ناڪه بندي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي فرار ٿيڻ جا سمورا رستا محدود ڪري ڇڏيا آهن. خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جا جٿا مختلف هنڌن تي …
آپريشن ردالفتنه 3 تحت سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري

مزید خبریں
اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) آپريشن رد الفتنه 3 تحت سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلع خاران ۾ دهشتگردن پاران ناڪه بندي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي فرار ٿيڻ جا سمورا رستا محدود ڪري ڇڏيا آهن. خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جا جٿا مختلف هنڌن تي موجود آهن. جڏهن ته دهشتگردن خلاف سرچ اينڊ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.











