راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ تي اسپل ويز کوليا ويا آهن: اين ڊي ايم اي

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ تي اسپل ويز کوليا ويا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري بيان موجب راول ڊيم ۾ پاڻي جي ليول 1751.40 فوٽ تي پهچي وئي جنهن کان پوءِ ڊيم جا اسپيل ويز صبح جو 6 کان منجهند 12 وڳي تائين کليل رهيا. جنهن سبب ڪورنگ نالي ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿيو. اين ڊي ايم …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ تي اسپل ويز کوليا ويا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري بيان موجب راول ڊيم ۾ پاڻي جي ليول 1751.40 فوٽ تي پهچي وئي جنهن کان پوءِ ڊيم جا اسپيل ويز صبح جو 6 کان منجهند 12 وڳي تائين کليل رهيا. جنهن سبب ڪورنگ نالي ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿيو. اين ڊي ايم اي ڪورنگ نالي سان گڏ رهندڙ آبادي کي محتياط ڪرڻ جو  چيو آهي.  عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پاڻي جو وهڪرو تيز هئڻ جي صورت ۾ ندي نالن مٿان ٺهيل عارضي پلون ڪراس ڪرڻ کان پاسو ڪن.