پمز اسپتال ۾ ٻارڙن جي آءِ سي يو ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي جو فرانزڪ ماهر جائزو وٺي رهيا آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معامن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پمز اسپتال ۾ ٻارڙن جي آءِ سي يو ۾ باهه لڳڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ 14 نوان ڄاول ٻار فوت ٿي ويا آهن، هن وقت تائين جي اطلاعن موجب باهه شارٽ سرڪٽ مان لڳي،فرانزڪ جا ماهر ان جو جائزو وٺي رهيا آهن. پمز جي دوري دوران ميڊيا سان …

اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معامن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پمز اسپتال ۾ ٻارڙن جي آءِ سي يو ۾ باهه لڳڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ 14 نوان ڄاول ٻار فوت ٿي ويا آهن، هن وقت تائين جي اطلاعن موجب باهه شارٽ سرڪٽ مان لڳي،فرانزڪ جا ماهر ان جو جائزو وٺي رهيا آهن. پمز جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پمز جي ايم سي ايڇ جي نرسري وارڊ ۾ پوڻين ستين بجي باهه جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. باهه شارٽ سرڪٽ سبب شروع ٿي، آءِ سي يو ۾ گئس جي سلينڊرز، لائين، پلاسٽڪ جي اوزارن سبب باهه تيزي سان پکڙي، بدقسمتي سان 14 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو هڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو. انتظاميه موجب اتي ڊيوٽي تي ٻه ڊاڪٽرز ۽ ٻه نرسون  موجود هئا، اهي محفوظ رهيا. نئين ڄاول هڪ ٻارڙي جي والده به محفوظ رهي جڏهن ته هڪ ٻار کي عملي بچائي ورتو. هن چيو ته اسپتال ۾ سمورا حفاظتي انتظام موجود هئا، باهه لڳڻ جي حتمي سببن جو تعين ناهي ٿيو، اسان جا فرانزڪ ماهر جائزو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اهو به چئي رهيا آهن ته اي سي ڪمپريسر ۾ ڌماڪو ٿيو هو. هن چيو ته اڪثر ٻارڙن جي موت دونهين ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿي آهي. هن چيو ته ڪوتاهي ڪندڙ ذميوارن کي سزا ڏني ويندي.